سوئي ناردرن ڪسٽمر کان معافي گهري، صدر جي هدايت

سوئي ناردرن ڪسٽمر کان معافي گهري، صدر جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف ايس اين جي پي ايل جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ سوئي ناردرن گيس کي هدايت ڪئي ته هو ڪسٽمر کان معافي وٺي ۽ بل درست ڪري.شهرين جي گهرن تي هڪ گيزر لڳايو ويو پر 2 گيزر جا بل موڪليا ويا.ڪمپني جي ٺيڪيدار ڪاغذن ۾ 2 گيزر لکيا هئا ۽ تصديق ۾ ڦيرڦار لاءِ پنهنجو رابطو نمبر ڏنو هو.سوئي ناردرن گيس پائپ لائنز لميٽيڊ جو ٺيڪيدار فراڊ ڪري فرار ٿي ويو.صدر عارف علوي چيو آهي ته شرم جي ڳالهه آهي ته انتظاميا ڪمپني اندر ڪرپشن کي نظرانداز ڪري عوام کي تنگ ڪري رهي آهي.صدر جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو