ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سوئس اڪائونٽس ڪيس ٻيهر کوليا ويندا.ڪراچي ۾ پيس ڪانفرنس دوران گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ڊسڪه چونڊ ۾ جمهوريت جي سوڀ ٿي. حڪومت ڊسڪه چونڊ هارائي به کٽي وئي آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ ايندڙ اليڪشن تحريڪ انصاف ۽(ن) ليگ وچ ۾ ٿيندي. تحريڪ انصاف جي خوشنصيبي آهي ته ان کي نالائق اپوزيشن ملي. اپوزيشن پارٽيون پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن جڏهن ته سوئس اڪائونٽس ڪيس ٻيهر کوليا ويندا.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته شهزاد اڪبر احتساب جو وزير آهي هو کنڊ اسڪينڊل ۽ مني لانڊرنگ بابت معاملا ڏسي رهيو آهي. ايف آءِ اي منهنجي ماتحت آهي پر شهزاد اڪبر جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان کي ڪرڻ ڏيو، شهزاد اڪبر جي خلاف منظم هلائي پئي وڃي. جڏهن ته جهانگير ترين ڪيڏانهن به نه ويندو.گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سموري مافيا کي للڪاريو آهي ۽ ان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ سڌارو آندو وڃي. عمران خان مهانگائي بابت معاملن کي پاڻ ڏسي رهيو آهي. جڏهن ته اسان جي اها به ڪوشش هوندي ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ ڦرمار کي ڪنٽرول ڪيو وڃي.










