سهانا شرما قاضي احمد جي عدالت ۾ پيش، والدين حوالي

سهانا شرما قاضي احمد جي عدالت ۾ پيش، والدين حوالي

قاضي احمد: (ن س) سهانا شرما کي نوابشاهه جي سيف هائوس مان 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ قاضي احمد ٿاڻي جي جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. جتي 164 جي بيان بعد سوهانا شرما کي والدين حوالي ڪيو ويو.سهانا شرما جبري شادي جو انڪار ڪندي چيو ته مان پنهنجي سهيلي گڙيا سان گهمڻ لاءِ گهران نڪتي هئس، مونکي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي، نه وري مون مذهب تبديل ڪيو آهي. مان ڪنهن به جوابدار کي نٿي سڃاڻان. جنهن کان پوءِ عدالت سڳوري سهانا شرما جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد کيس 10.000 جي پي آر بانڊ عيوض سندس والدين جي حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو