سنگيتا جا الزام رد، هوءَ اسان جي سينيئر آهي: نعيمه بٽ

سنگيتا جا الزام رد، هوءَ اسان جي سينيئر آهي: نعيمه بٽ

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ): پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره نعيمه بٽ نامياري فلم ساز ۽ هدايتڪاره سنگيتا پاران لڳايل سڀني الزامات کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته سنگيتا هڪ بيان ۾ چيو هو ته نعيمه بٽ کي سندس نخرن ۽ عجيب مطالبن سبب ايندڙ فلم ”مکهو“ مان ڌار ڪيو ويو آهي. ان تي پنهنجو موقف واضح ڪندي نعيمه بٽ چيو ته مان پنهنجي مصروف شيڊول جي ڪري ان منصوبي جو حصو نه بڻجي سگهيس. هن چيو ته جن ڳالهين کي سنگيتا ”مطالبا“ چئي رهي آهي، اهي اصل ۾ فلم جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ تجويزون هيون، جيڪي پاڻ هدايتڪاره مون کان گهريون هيون. اداڪاره پئسن جي ڏي وٺ بابت وضاحت ڪندي چيو ته پهرين ملاقات ۾ سنگيتا مون کي زبردستي جيڪا ايڊوانس رقم ڏني هئي، اها مون تاريخون نه هجڻ ڪري احترام سان واپس ڪري ڇڏي هئي. هن چيو ته مان اڄ به سنگيتا جي عزت ڪريان ٿي پر اسان جو ڪم ڪرڻ جو انداز مختلف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو