سنگل ونڊو سروسز جي سبسڪرپشن ۽ تجديدي فيس مقرر

سنگل ونڊو سروسز جي سبسڪرپشن ۽ تجديدي فيس مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ حڪومت پاران سنگل ونڊو (PSW) سروسز لاءِ سبسڪرپشن ۽ تجديد فيس مقرر ڪري ڇڏي آهي،ناڻي واري وزارت ۽ فنانس ڊويزن ان حوالي سان هڪ باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.ايف بي آر موجب، پي ايس ڊبليو ۽ ايس اي سي پي جي تصديق جي فيس 500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سامان جي اعلان جي فيس سامان جي قيمت مطابق گڏ ڪئي ويندي.نوٽيفڪيشن موجب، 50,000 رپين تائين جي سامان تي ڪا به فيس نه ورتي ويندي، 50,000 کان 1 لک رپين تائين جي سامان جي فيس 500 رپيا هوندي، جڏهن ته 1 لک رپين کان 10 لک رپين تائين جي سامان جي فيس 750 رپيا هوندي.ايف بي آر موجب، 10 لک کان 5 لک رپين جي سامان جي فيس 1000 رپيا، 5 لک کان 10 ملين رپين جي سامان جي فيس 1250 رپيا، 10 لک کان 25 ملين رپين جي سامان جي فيس 1500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 25 ملين رپين کان وڌيڪ جي سامان جي لاءِ سامان جي اعلان جي فيس 2000 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو