سنڌ _ پنجاب وچ ۾ پاڻي جو نئون معاهدو ٿي.!!

سنڌ _ پنجاب وچ ۾ پاڻي جو نئون معاهدو ٿي.!!

فاروق احمد سرگاڻي
نيل نديءَ ١١ ملڪن مان وهي ڪري سمنڊ تائين پهچي ٿي، پر سنڌو نديءَ پنجاب کان ٿيندي، عربي سمنڊ تائين نه ٿي پهچي. جڏهن درياھن تي ڊيمن جا زنجير ۽ لنڪ ڪئنال ٺاهبا آھن، تڏهن اهي نديون ڪمزور ٿئي ويندو آھن ۽ آھستي آھستي پنهنجو وجود وڃائي ڇڏينديون آھن دجلا ۽ فرات ندين تي ترڪي ۽ عراق جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلي ٿي، ترڪي منڍ واري ۽ عراق پوڇڙ وارو ڀائيوار آھي. دجلا ۽ فرات عراق جو تاريخي نديون آھن، هتي دنيا جي پهرين تعذيب اثري جنهن تمام گهڻي ترقي ڪئي، پر هاڻي دجلا ۽ فرات ٢٠٤٠ع تائين سمنڊ سان ملي نه سگندو ان جو سبب به ڊيم آھن جيڪي ترڪي دجلا ۽ فرات ندين تي اڏيا آھن ۽ وڌيڪ اڏڻ لاءِ سازشون ڪري ٿو. دنيا جي تاريخ کي کولي ڏسجي ڪڏهن به ڪٿي به درياھن جي ورهاست ڪو نه ٿئي آھي، پر هي واحد ملڪ آھي جنهن درياھن کي ورهائي ڇڏيو آھي، ها باڪي درياهن جي پاڻي جي ورهاست ٿيندي آھي. سنڌو نديءَ جيڪا آڳاٽي زماني کان وٺي وهي اچي سمنڊ سان ملندي ھئي، اها هاڻي ڇو سمنڊ تائين پهچي نٿي. مطلب ته هاڻي سنڌو نديءَ جو پاڻي چوري ٿي ٿو. هي پاڻي جي چوري اڄ ڪلھه جي ڪونهي تقريبن ٢ صدين کان وٺي پنجاب سنڌ جو پاڻي کڻي ٿو، پنجاب سنڌو ندي تي ڊيم ۽ لنڪ ڪئنال ٺاهي ٿو، جيڪا شئيءَ درياھن جي عالمي قانون تحت غير قانوني آھي. انگريزن جي دور کان وٺي پنجاب جي ماڻھن سنڌو نديءَ جي وجود کي ختم ڪرڻ جو سازشون شروع ڪري ڏنيون هيو، پوءِ پاڪستان جي ٺھڻ سان سنڌو نديءَ هنن لاءِ مال غنيمت ٿي پئي، چون ٿا ته انگريزن جي هوندي سنڌو نديءَ کي اهو نقصان نه پهتو هو. سائين نواز خان زئور لکي ٿو؛ ” انگريز هتي موجود هو، سنڌو نديءَ جي وجود کي ڪو لھر لوڏو ڪو نه هو. ڳورن جي وڃڻ بعد سنڌوءَ بيواھي ٿي پئي.“جيڪڏهن توهان کي ڊيمن مان فائدو ملي ٿو ته اچي ڪو سنڌ ۾ ڊيم ٺاھيون، سنڌو نديءَ تي ڊيمن جا زنجير وڌا ويا آھن ان ڪري هِن جي وهڪرن ۾ گهتائي آئي آھي. پنجاب چشما_ جهلم لنڪ ڪئنال، ٿل ڪئنال تونسان پنجنڊ لنڪ ڪئنال، وسلي نديءَ جو پاڻي چوري ڪري ٿو. سائين نواز خان زئور پنهنجي ڪتاب ” سنڌو ندي جو مقدمو“ ۾ لکي ٿو ته ” ڊيمن وانگر لنڪ ڪئنال پڻ درياھن جي تباهي جا دروازا آھن“ درياھن جي فطري وهڪرن کي بحال ڪيو وڃي، سنڌ ۾ تڏهن پاڻي جي کوٽ جي گهرج پوري ٿيندي، جڏهن فطرت سان هٿ چوراند نه ڪئي وڃي، هٿ وٺي انڊس ڊيلٽا کي تباهي جي ور نه چاڙهيون وڃي. ندين تي ڊيم ٺھڻ جي ڪري سڀ کان وڏو نقصان ڇوڙ وارن علائقن کي ٿئي ٿو، جيئن سنڌوءَ تنت مان پنهنجي سرچشمي سنگي کباب سوڌو، ڪلاچو، گار، لنگديپ، ۽ زنگيون وغيره وٺان جيئن جو تيئن وهي رهي آھي، ۽ سڀ کان پهرين پنجاب ۾ داخل ٿئي پوءَ سنڌ کي سيراب ڪري ٿي، ان ڪري پنجاب منڍ ۽ سنڌ پوڇڙ وارو حصيدار آھي، مٿي ڳالھ ڪري آيا آھيون ته لنڪ ڪئنال ۽ ڊيمن جي ذريعي سنڌ جو پاڻي پنجاب کڻي ٿو، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏي.١٩٩١ع واري سنڌ۔ پنجاب پاڻي ٺاھه کي ڏسي ڪري نئون معاهدو ڪيو وڃي. جنهن ۾ پاڻي جي برابر وراحصيت ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو