ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد عبدالقادر گيلاني جي اڳواڻي ۾ آيل قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪميٽي برائي منصوبابندي واري وفد وچ ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي، جنهن ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام (PSDP) تحت سنڌ جي 5 وڏن شاهراهن جي منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته انهن 5 وڏن منصوبن جي ڪل لاڳت 140 ارب 91 ڪروڙ 60 لک رپيا آهي، جنهن ۾ وفاق جو حصو 96 ارب 75 ڪروڙ 70 لک رپيا ۽ سنڌ حڪومت جو حصو 44 ارب 15 ڪروڙ 90 لک رپيا آهي. هي سڀئي منصوبا جون 2027ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.سنڌ ڪوسٽل هائي وي ايڪسٽينشن (36 ڪلوميٽر): ان منصوبي تي 37 ارب 70 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي. ان جو ورڪ آرڊر جاري ٿي چڪو آهي ۽ ٺيڪيدار مشينري سائٽ تي منتقل ڪري ڇڏي آهي.روهڙي گڊو بئراج روڊ (150 ڪلوميٽر): هي روڊ 17 ارب 79 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ٿي رهيو آهي، جنهن جي 44 ڪلوميٽر حصي تي اسفالٽ بيس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.ٽنڊو الهيار-ٽنڊو آدم ڊوئل ڪيريج وي (31.4 ڪلوميٽر): هن منصوبي جي لاڳت 9 ارب 28 ڪروڙ رپيا آهي. هتي يوٽيلٽي منتقلي ۽ پاڪستان ريلوي جي منظوري وڏا چئلينج آهن، جن تي ڪم جاري آهي.مهران هائي وي ڊوئلائيزيشن (135 ڪلوميٽر): هي اهم منصوبو 41 ارب 3 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي.سانگهڙ-روهڙي روڊ (221 ڪلوميٽر): هن منصوبي تي 35 ارب 8 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي. روڊ جي وڏي حصي تي چوڙائي ۽ بيس ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي، ۽ جلد ئي اسفالٽ بڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو.ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اهي سڙڪون رڳو رستا ناهن پر اهي سنڌ جا معاشي لاهيارا (Economic Corridors) آهن، جيڪي صوبي ۾ تجارت، سياحت ۽ ترقي کي هٿي ڏينديون. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي فنڊن جي بروقت فراهمي تمام ضروري آهي ته جيئن ڪم ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي. هن اختيارين کي هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي منتقلي ۽ انتظامي منظوريون ترجيحي بنيادن تي حل ڪيون وڃن.قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪميٽي سنڌ حڪومت پاران انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ وفاقي سطح تي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. اجلاس جي پڇاڙيءَ ۾ وفاقي ۽ صوبائي ادارن منصوبن جي بروقت تڪميل ۽ فنڊن جي صحيح استعمال لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو.










