سنڌ ۾ 23 کان 26 جولاءِ تائين مون سون سسٽم جي شدت برقرار

سنڌ ۾ 23 کان 26 جولاءِ تائين مون سون سسٽم جي شدت برقرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز 23 کان 26 جولاءِ تائين مون سون جي اسپيل جي اڳڪٿي ڪئي آهي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته اڄ رات کان سنڌ ۾ زوردار مون سون جو اثر ٿيندو، جنهن تحت 23 جولاءِ کان 26 جولاءِ تائين سنڌ ۾ تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 27 جولاءِ تائين مٿانهين سنڌ ۾ برسات جو امڪان آهي.چيف ميٽولوجسٽ موجب ڪراچي ۾ 24 کان 26 جولاءِ تائين تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران شهر ۾ 100 ملي ميٽر يا ان کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي.سردار سرفراز چيو ته مون سون سسٽم جي شدت وڌيڪ آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ سسٽم زمين تي آهي، زمين تي مون سون سسٽم جي شدت وڌيڪ آهي.هن چيو ته خليج بنگال ۽ عربي سمنڊ مان ايندڙ نم هوائون سسٽم کي سپورٽ ڪنديون، جنهن کانپوءِ اهو سسٽم بلوچستان، عمان ۽ ايران کي متاثر ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو