سنڌ ۾ گئس جو شديد بحران، سحري ۽ افطار ۾ سخت مشڪلاتون

سنڌ ۾ گئس جو شديد بحران، سحري ۽ افطار ۾ سخت مشڪلاتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ بجلي کانپوءِ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، جنهن سبب شهرين کي رمضان المبارڪ ۾ به روزا رکڻ ۽ افطار ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.قدرتي تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال سنڌ صوبو پاڪستان جي گئس جي ڪل پيداوار جو 63 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو، پر گئس جي پيداوار جي باوجود سنڌ جو عوام گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو شڪار آهي.رمضان المبارڪ ۾ خاص ڪري سحري ۽ افطار جي تيارين دوران عورتن کي گئس جي فراهمي نه ٿيڻ ۽ گهٽ پريشر سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته گيس جا ڊگها بل به معمول موجب اچي رهيا آهن.شهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وفاق سان رابطو ڪري گئس جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو