سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو 14 لک ٽن ٽارگٽ مقرر

سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو 14 لک ٽن ٽارگٽ مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2 هزار رُپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو، ڪڻڪ خريداري جو حدف 14 لک ميٽرڪ ٽن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس دوران ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ وارا وفاقي حڪومت جا الزم رد ڪيا ويا، سنڌ ڪابينا چيو آهي ته وفاقي سرڪار پنجاب ۾ ڪڻڪ گم ٿيڻ جو الزام سنڌ سرڪار مٿان نه لڳائي، سنڌ ڪابينا صوبي ۾ ڪڻڪ ذخيرن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، وڏي وزير ڪميٽي کي ڪڻڪ جي ذخيري جو جائزو وٺي ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو