ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دشمني، ڪارنهن، ڪرنٽ لڳڻ ۽ حادثن جي واقعن ۾ 7 قتل ۽ 7 زخمي ٿي پيا. شڪارپور ۾ عيساڻي برادري ۾ جهيڙي تان 2 ڄڻا بازار ۾ قتل ٿي ويا جڏهن ته گهران نيڪالي ڏنل زال کي ٻيهر پرڻجڻ تي اڳوڻي مڙس قتل ڪري ڇڏيو. ***گهوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو موجب ڳوٺ پنجل سهتو جو رهواسي 40 سالا پورهيت محمد يعقوب سولنگي ڦٽين جي فصل کي ڦوهارو ڪندي بيهوش ٿي ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال داخل ڪيو ويو جتي هوفوت ٿي ويو.***بوزدار وڏا مان حسين ٽانوري موجب شهر ٻاهران نوجوان جو لاش هٿ لاش ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا.

لاش جي سڃاڻپ ٽانوري محلا جي رهواسي 22 سالن جي علي گل عرف ڪاشف ٽانوري طور ٿي سندس ڀاءُ لاش جي سڃاڻپ ڪئي وارثن پاران فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.***لکي غلام شاھ مان نثارمنگي موجب چڪ ٿاڻي جي حد قاسم ڳوٺ لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن باگڙجي جي ڪچي واري علائقي مرزاپور کان چڪ دوا وٺڻ لاءَ پنهنجي ڀاءُ ظهير خروس سان گڏ موٽرسائيڪل تي ويندڙ شادي شده عورت مسمات زرينه زال واحد بخش جتوئي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

مقتولا عورت جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ نٽھڻ اُس ۾ پيل رهيو، چڪ پوليس بعد ۾ لاش کڻائي سول اسپتال لکي غلام شاھ پهچايو، چڪ پوليس جوابدارن جي فرار ٿيڻ بعد مقتولا سان گڏ دوا وٺڻ لاءَ ويندڙ سندس ڀاءُ ظهير خروس کي لاڪپ ڪري ڇڏيو، مقتول عورت جي ماءُ عظيمان خروس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڌيءُ کي اڳوڻي مُڙس علي گوهر خروس ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪيو آهي هُن 2 سال اڳ منهنجي ڌيءُ تي ڪارنهن الزام مڙهي کيس گهران ڪڍي ڇڏيو هو جنهن جي 10 ڏينهن اڳ پنوعاقل واسي واحد بخش جتوئي سان ٻي شادي ڪرائي هئي جنهن تان ڏمرجي علي گوهر خروس کيس قتل ڪيو آهي. ايس ايڇ او چڪ عاشق ابڙو ٻڌايو ته عورت کي پلاننگ تحت قتل ڪيو ويو آهي، اسين جاچ ڪريون پيا.***شڪارپور جي ھمايون ٿاڻي جي حد جاڳڻ شھر ۾ عيساڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان ھٿياربندن دڪان تي ويٺل ٻن نوجوانن کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو جوابي فائرنگ ۾ ٽن ھٿياربندن سميت ٻه واٽھڙو پڻ زخمي ٿي پيا،عيساڻي برادري جي ٻن ڌرين رضا محمد عيساڻي ۽ شھزادو عيساڻي وچ ۾ ھلندڙ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان رضا محمد عيساڻي جي ڌر جي ھٿياربندن جاڳڻ شھر ۾ درزيءَ جي دڪان تي جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري شھزادو عيساڻي ڌر جا ٻه نوجوان 30 سالن جو نادر عيساڻي ۽ 25 سالن جو لال محمد عيساڻي ٿڏي تي مارجي ويا جڏھن ته جوابي فائرنگ ۾ ھٿياربند ٽلو،دلبر۽ حاڪم پڻ معمولي زخمي ٿيڻ بعد فرار ٿي ويا،جڏھن تي ٻنھي ڌرين جي فائرنگ ۾ واٽھڙو اڪبر ۽ وزير معرفاڻي سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۽ فوتين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سلطان ڪوٽ اسپتال وري اتان شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي،ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو ٻه سال اڳ عيساڻي برادري جي عورت جي شادي بگٽي برادري ۾ ڪرڻ تان شروع ٿيو ھو جنھن ۾ عورت ۽ سندس مڙس کي پڻ قتل ڪيو ويو ھو،جڏھن ته ھن ڪارنھن تڪرار ۾ مجموعي طور ھڪ عورت سميت چار قتل ٿي چڪا آھن،ٻئي پاسي واقعي بعد جاڳڻ شھر کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آھي جڏھن ته علائقي ۾ ڏھڪاء پکڙيل آھي ھوڏانھن ھمايون ٿاڻي جي پوليس رڳو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ ضروري ڪارواين ۾ مصروف آھي جڏھن ته جھيڙيندڙ ڌرين خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي آھي.*** ڪشمورجي ويجھو بيگاري ڪينال ۾ نوجوان 13سالن جومريد احمد پٽ امان الله چنا جو لاش مليو آهي، پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڪشمور آندو جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ھوڏانھن ھدايت الله چنو سنڌ يار سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو ڀائيٽو مريد احمد چنو جو دماغي توازن خراب ھجڻ ڪري گذريل ڏينھن کان گم ٿي ويوهو.** * مبارڪپور، ڳوٺ حرمت ڪيهر ۾ رات دير سان گهر ۾ ڪتر مشين جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 ٻارڙن جي امڙ 40 ورهين جي مائي رحيمان زال عامل ڪيهرفوت ٿي وئي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ٻچا پنهنجي امڙ جي لاش کي چنبڙي روئندا رهيا مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي مرحوم کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ***مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب ڳوٺ وڏا ڇڇر انڊس هاء وي تي حيدرآباد کان سيوهڻ ويندڙ رڪشو تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پنجاب واسي هڪ ئي خاندان جي عورت ٻارڙي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ حبيب الله علي نواز سندس گهرواري ۽ هڪ سال جو پٽ علي حمزه ۽ ٻيا شامل آھن جن کي مقامي ماڻھن هيلٿ سينٽر سن منتقل ڪيو جتي ٻارڙي علي حمزه جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.










