سنڌ ۾  گرمي جي لهر جاري، ڪراچي ۾ پارو 42 ڊگري

سنڌ ۾ گرمي جي لهر جاري، ڪراچي ۾ پارو 42 ڊگري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ 12 جون تائين قهر جي گرميءَ جي لهر جاري رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ به موسم انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي ۽ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
اڄ کان 15 جون تائين ملڪ جي اترين علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جنهن سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهندو. هوا ۾ نميءَ جو تناسب 79 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون 22 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.
موسميات کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 30.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ هڪ پاسي قهر جي گرمي جي لهر جاري آهي ته ٻئي پاسي بجلي جي سخت لوڊ شيڊنگ به جاري آهي، جنهن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو