تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
سنڌ جي سکر توڙي لاڙڪاڻي ڊويزنن جي مختلف شهرن، علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ڪجهه عرصو پهرين قبائلي جهيڙن، اغوا، ڦرلٽ، قتل جي واقعن ۾ ٺاپر اچڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جيئن شديد گرمي پنهنجا شعلا پئي ڏيکاري، تيئن اتي ٻيهر بدامني جي باهه ڀڙڪي اُٿي آهي، روزانو ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان معمولي ڳالهه کانپوءِ هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڳڀرو جوان قتل ڪيا ٿا وڃن، جيڪي واقعا ڏينهون ڏينهن نون رخن سان وڌي رهيا آهن. اتر سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ شديد گرمي سان گڏ سنڌ جي اترين ۽ قبائلي علائقن ۾ تڪرار ۽ رتوڇاڻ وارا واقعا به وڌي ويندا آهن، جيئن هن ڀيري به گرمي جي شدت دوران تڪرارن ۾ ڪيئي ڳڀرو نوجوان قتل ۽ ڪي گوليون لڳڻ ڪري معذور ٿي چڪا آهن. خبر ناهي ته اڄ ڪهڙي هَوا گهُلي رَهي آهي جو روزانو جي بنياد تي نوان نوان هنيانءَ ڏاريندڙ واقعا پڙهي، ٻُڌي ۽ ڏسي جيءُ به جهري ٿو پوي، مُڙس هٿان زال جو قتل، زال هٿان مڙس جو قتل، ڪاروڪاري، قبيلائي ناسوري، جهيڙا، زميني تڪرار، پلاٽ جي ٽُڪر تان پيدا ٿيل رنجشون ۽ خوني جهيڙا روز اخبارن جي زينت بڻيل آهن، توڙي جو اڄڪلهه سوشل ميڊيا به تيزي سان اڳتي وڌي چڪي آهي. مطلب ته ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر اڄ اسان جون دليون ڇو پٿر ٿي ويون آهن!؟ وقت به تيزي سان گذري رهيو آهي، برڪتون به ختم ٿي ويون آهن، ڄڻ ته اسان رهزنيءَ واري دور ۾ پيا رهون.گذريل هفتي بدامني جي باهه ۾ وڪوڙيل ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ وڏو اذيتناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي چاچڙ سبزوئي تڪرار جيڪو فصل جي ڀيل تان شروع ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو قتل ٿي چڪا، نيٺ علائقائي سردارن، پيرن ۽ مرشدن جرڳو ڪرائي ڌرين جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرايو هو، پر ڪجهه سالن جي وقفي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌريون هٿيارن سان هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيون، نتيجي ۾ هٿياربندن اوطاق تي ويٺل هڪ ئي خاندان جي ماڻهن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 9 انساني جانيون ضايع ٿي ويون ۽ هڪ ڄڻو اڌ مئو ٿي پيو، واقعي بابت پوليس جي حوالي سان جيڪي خبرون آيون، اهي به روايتي سستي ۽ لاپرواهي جي عڪاسي ڪن ٿيون، ايتري تائين جو پوليس بروقت نه واقعي واري هنڌ پهتي ۽ نه ئي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدار ڌر توڙي مقتول جيڪي ڪچي جي هڪ ئي علائقي سان واسطو رکن ٿا، پوليس سندن گهرن جي ويجهو خاموش تماشائي بڻيل رهي ۽ ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بيوس نظر آئي. اهڙي قهري ڪارروائي بعد ڪنڌڪوٽ پوليس نون ماڻهن جي قتل جو ڪيس 35 ڄڻن تي داخل ته ڪيو پر هي سٽون لکڻ تائين ڪنهن هڪ جوابدار کي به گرفتار نه ڪري سگهي هئي، خبر ناهي ته قاتل ڪهڙي ٻر ۾ وڃي لڪيا. ان کان علاوه ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ جکراڻي ڀيا ٺاهه ٿيو هو پر اڳتي هلي اهو جهيڙو ٻيهر ڀڙڪيو، ڇاڪاڻ ته ڌرين ۾ اڄ تائين نفرتون ۽ هڪٻئي خلاف بغض موجود آهن. مقامي سردارن جيڪي جرڳا ڪرايا، سي به ناڪام ٿي چڪا آهن، ڪهڙو مثال ڏجي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي مڙني علائقن ۾ اڄ بدامني، قتل و غارت، اغوا، ڦرن ۽ چورين جون وارداتون عام جام آهن، پوليس صرف ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آهي، ساڳئي وقت اهي علائقائي سردار به سياسي حمايت رکن ٿا، انهن جي موقف مان معلوم ٿيندو آهي ته پوليس ئي سڀ ڪجهه ڪرائي پئي، سول سوسائٽي مذهبي ڌريون ۽ هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ فرد انهن قبيلائي جهيڙن ۽ تڪرارن سبب خوفزده ٿي چڪا آهن. ڪنڌڪوٽ جهڙي خونريزي جيڪڏهن سنڌ جي دارالحڪومت ڪراچي ۾ ٿئي ها ته هن وقت تائين نه صرف سنڌ بلڪه سڄي ملڪ ۾ هاءِ گهوڙا متل هجي ها، ايتري تائين جو سڄي ڪراچي پوليس انتظاميا تبديلي ٿي چڪي ها پر ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۽ هڪ ئي وقت 9 ماڻهن جو قتل عام ٿيڻ کانپوءِ به نه ايس ايس پي امجد شيخ کي نه ڪا لهر نه ڪو لوڏو آيو آهي ۽ نه ئي پوليس انتظاميا خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي، ايس ايس پي امجد شيخ کي جهڙي ريت ميڊيا سٺن لفظن ۾ بيان ڪندي آهي ۽ کيس هڪ فرض شناس آفيسر قرار ڏيندي آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙو آفيسر ضلعي جو پوليس سربراهه هوندي به ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرارن ۽ خونريزي روڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪو آهي، رڳو ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ئي نه بلڪه مدئجي، نئون ديرو، ڳڙهي خيرو، قمر شهدادڪوٽ بدامني جي باهه ۾ وڪوڙيل آهن، حالت اها آهي جو ننڍڙن معصوم ٻارن جي هٿن ۾ قلم بدران هٿيار ڏنا ويا آهن، معصوم ٻارن جو ايترو جسماني وزن به نه هوندو، جيترا کين ڳرا هٿيار ۽ گولا هٿن ۾ پڪڙايا پيا وڃن، افسوس جو مقام آهي انهن چونڊيل نمائندن لاءِ جيڪي هتان چونڊجن ٿا ۽ هنن علائقن کي اڄ تائين هٿيارن کان پاڪ نه ڪرائي سگهيا آهن، ايتري تائين جو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني بيوسي اظهاري رهيو هو، اهڙي بيوسي ۽ لاچاري ۾ حالتون ڪيئن سڌري سگهن ٿيون؟ برادري جي جهيڙن سبب اسڪول، اسپتالون، بازارون ۽ مارڪيٽون به نو گو ايريا بڻجي ٿيون وڃن.سنڌ جي اترين خاص ڪري ڪچي جي علائقن ۾ جتي ٻيون مختلف ذاتيون اڪثريت سان رهن ٿيون، اتي چاچڙ، سبزوئي، جاگيراڻي، جتوئي، لولائي ۽ تيغاڻي برادري به اڪثريت سان رهي ٿي، جن مان ڪيئي ڌريون هٿيارن سان ليس هجن ٿيون، جڏهن به سندن وچ ۾ ڪو معمولي جهيڙو ٿئي ٿو ته اهي هڪٻئي مٿان هٿيار اُڀا ٿيون ڪن ۽ پوءِ فائرنگ ۾ ڪيئي ڳڀرو جوان، عورتون توڙي معصوم ٻار گولين جو کاڄ بڻجيو وڃن. انهن تڪرارن کي روڪرائڻ ۾ پوليس جي ته ڪا دال ئي نٿي ڳري، پر سڄي سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ رينجرز توڙي فوج به موجود آهي، انهن کان به خدمتون حاصل نٿيون ڪيون وڃن، نه ئي اثرائتو آپريشن ڪري انهن ڏوهارين جو خاتمو آندو ويو آهي، جيڪي نه صرف پاڻ ڏوهه ڪن ٿا بلڪه غيرقانوني طريقي سان هٿيارن جي اسملنگ ڪري هتي آڻين ٿا، ان جو بنيادي سبب اهو به آهي ته ان ڪاري ڌنڌي ۾ علائقي جا بااثر ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ ڀوتار به شامل هجن ٿا، جيڪي نٿا چاهين ٿي ته انهن علائقن ۾ امن امان بحال ٿئي ۽ عام ماڻهن جي ٻارن ٻچن کي اسڪولي تعليم ۽ شعور ملي، بلڪه انهن جو مقصد ئي اهو آهي ته هتان جا ٻار جاهليت واري دور ۾ رهن ۽ پوءِ وڏا ٿي پنهنجي وڏڙن جيان سندن غلامي ڪن ۽ اهو سلسلو جاري رهندو اچي. ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر سنڌ پوليس ۾ سڌارو ڪڏهن ايندو ۽ ڪيئن هن ديس جا ڌڻي انهن وبائن کان بچي سک جو ساهه کڻندا، آخر هي رت جي راند ڪڏهن بند ٿيندي، يقينن ڪنهن نه ڪنهن ڌر پاران پوليس کي به اطلاع ڪيو ويو هوندو، جيڪڏهن پوليس ايمانداري ۽ فرض شناسي سان تحريڪ ۾ اچي وڃي ها ته شايد ايتري خونريزي نه ٿئي ها. آئون بحيثيت هڪ وڪيل ۽ قانوندان جي، سمجهان ٿو ته پوليس جي اهڙي روايتي سستي قابل جرم ڏوهه آهي، ڀلي پوءِ ان ۾ ضلعي جو پوليس سربراهه ئي ڇونه شامل هجي، اهي علائقي ۾ امن بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، اعليٰ اختيارين جو فرض آهي ته سڄي ضلعي جي پوليس کي نه رڳو تبديل ڪيو وڃي بلڪه جتي جتي قبيلائي جهيڙا ٿين ٿا ۽ ماڻهو ماريا وڃن ٿا، اتي جي مقامي ايس ايڇ او کان ويندي ايس ايس پي سطح تائين ذميوارن کان سختي سان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.جڏهن ته مقتول ڌر طرفان ڏهن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته هو پلاند ڪري سگهن ٿا، افسوس ته ايندڙ وقت ۾ اڃا الائي ڪيترا لاش ڪِرندا ۽ ڳڀرو جوان، مرد ۽ عورتون قتل ٿينديون. سوچڻ جو مقام آهي ته جڏهن هڪ ئي علائقي ۾ هڪ ئي خاندان جي ماڻهن جا 9 جنازا کڄيا هوندا ته علائقي ۾ ڪهڙو ڀيانڪ منظر هوندو،ڪنڌڪوٽ واري واقعي چونڊيل نمائندن کان ويندي علائقي جي سردارن، ڀوتان، پير ۽ مرشدن جي امن پسند هجڻ وارين دعوائن تي سوال اٿاريا آهن، آخر انهن جي سرداري، پيري مريدي، ڀوتارڪي ۽ سياسي اثر رسوخ ڪهڙي ڪم جو، جيڪو علائقن ۾ نه امن قائم ڪرائي سگهي ۽ نه ئي قبيلائي تڪرارن جو خاتمو آڻي سگهي. تنهن ڪري آئون سمجهان ٿو ته سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس کان ويندي هر ذميوار اداري کي ڪنڌڪوٽ واري واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ علائقي ۾ ڌرين وچ ۾ هلندڙ رتوڇاڻ جو خاتمو يقيني بنايو وڃي.










