ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ترقياتي منصوبن تي وتفاق جو اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.سنڌ حڪومت وفاقي ڪمپني پاڪستان انفراسٽڪچر ڊوالپمينٽ ڪمپني کي خط لکي صوبن جي ترقياتي اسڪيمن تي ڪم روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.سنڌ حڪومت طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو ته 26 سيپٽمبر تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ پي آءِ ڊي سي ايل جي ڪردار جو جائزو ورتو ويو. خط ۾ شهري پيڪيج منصوبن تي پي آءِ ڊي سي ايل جي مداخلت کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پي آءِ ڊي سي ايل صرف اڳوڻي پاڪ ڊبليو پي ڊي منصوبن کي مڪمل ڪري. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا شهري ترقياتي پيڪيجز پي آءِ ڊي سي ايل جي اختيار کان ٻاهر آهن. وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ طئي ٿيل اختيارن جي ڀڃڪڙي کان پي آءِ ڊي سي ايل پاسو ڪري.










