حيدر آباد (پ ر )سنڌ ترقي پسند پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ٺٽو ۽ دادو ضلعن جي اڳواڻن ۽ سينيئر ڪارڪنن جي ملاقات ڪئي سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ٺٽو ۽ دادو ضلعن جي اڳواڻن ۽ سينيئر ڪارڪنن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف تنظيمي ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ اندر وڌندڙ بک، بيروزگاري، بدامني ۽ سماجي براين جا ذميوار حڪمران آهن. منشيات سنڌ جي نسلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته منشيات فروشن کي چونڊيل نمائندن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي سرپرستي حاصل آهي.ڊاڪٽر مگسي چيو ته سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، زراعت کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي. سارين جي آبادگارن کي مناسب ريٽ نه ملڻ سبب وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته زرعي دوائون، ڀاڻ ۽ ٻج جا اگهه آسمان سان ڳالهائي رهيا آهن.هن چيو ته سنڌ جي عوام کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ ڪرپٽ حڪمرانن مان پنهنجي جان ڇڏائڻي پوندي. عوام کي پنهنجي ووٽ جو صحيح ۽ بااخلاق استعمال ڪرڻو پوندو، جيئن ته سنڌ کي جاگيردار طبقي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي گرفت مان آزاد ڪرايو وڃي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاقي اقتداري پارٽين کي سنڌ جي مسئلن سان ڪو واسطو ناهي، انهن کي رڳو ڪرسي ۽ اقتدار سان مطلب آهي. پ پ پ سنڌ کي صرف ووٽ جي منڊي سمجهي ٿي ۽ کيس سنڌ جي حقيقي مسئلن سان ڪا دلچسپي ناهي.هن وڌيڪ چيو ته ايس ٽي پي ڪارڪنن کي عوام دوست ۽ سماج لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيئن عوام سان سندن ڳانڍاپو وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي.ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي ايس ٽي پي ضلع ٺٽو جي اڳواڻ عمر ناھيو جي ڀاءُ رياض ناھيو جي جبري گمشدگيءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن مٿس ڪو الزام آهي ته کيس ملڪ جي قانون مطابق عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته رياض ناھيو کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ هوت خان گاڏهي، قادر چنا، امتياز سمون، جان محمد جوڻيجو، جلال شاهه، ايڊوڪيٽ سرواڻ مگسي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔










