سنڌ ۾ به قانون جو راڄ هوندو: اسد عمر

سنڌ ۾ به قانون جو راڄ هوندو: اسد عمر

حيدر آباد(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن سنڌ ۾ به قانون جي حڪمراني هوندي. حيدرآباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته جنهن ڪرسي تي شهباز شريف ويٺو هو، اها وڃڻي آهي. حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي، هاڻي عوام پنجاب ۾ (ن) ليگ جي سياست جو خاتمو ڏسندو. هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن ڏٺو ته تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ ڪيئن پتنگ کٽي، هاڻي سڄي سنڌ ۾ ڏسبو.اسد عمر چيو ته هو چاهي ٿو ته سمورا اختيار ۽ وسيلا هڪ خاندان وٽ هجن، سندس سياست جي نتيجي ۾ محلات ٺاهيا ويا، دبئي ۾ ٽاور لڳايا ويا، لنڊن ۾ اربين فليٽ ٺاهيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو