ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي اترين ضلعن، گهوٽڪي، سکر، خيرپور، شڪارپور،ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. مختلف علائقن مان مليل اطلاعن موجب گهرن جون ڇتيون، ڀتيون ڪرڻ ۽ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتين جو انگ 14 ٿي ويو آهي. دودا پور ۾ ماءَ ۽ پٽ مکڻو منگي ڇت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا. بخشاپور جي ڳوٺ بلند ڀٽو ۾ عورت ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي، وارهه جي ڳوٺ سوائي چانڊيو م نينگري عارفه چانڊيو، لاڙڪاڻي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب مدثر سرهيو، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ رحيم بخش بگٽي ۽ سکر جي المدينا ڪالوني ۾ نينگر پاڻي م ٻڏي فوت ٿيا آهن. قاضي احمد ۾ ڪتر مشين مان ڪرنٽ سبب نوجوان فوت ٿيو آهي. سڀ کان وڌيڪ برسات سکر ۾ 263 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.ڪمشنر فياض عباسي موجب سکر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي ۽ 48 گهر ڪرڻ جو اطلاع آهي. ٻئي طرف انتظاميا پاران برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ آپريشن جاري آهي، ڪمشنر سکر جو چوڻ آهي ته برسات بند ٿيڻ سان ئي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اتر سنڌ جي اڪثر ڳوٺڻ توڙي شهرن ۾ ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو، ڪيترائي گهر، گهٽيون ۽ فصل، روڊ رستا پاڻي هيٺ آهن. اڪثر علائقن ۾ بجلي بند آهي. مختلف علائقن ۾ سوين ڪکاوان ڪچا پڪا گهر ڊهي پيا آئرن مارڪيٽ جي علائقي ۾ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿلي واري علائقي ۾ ڇت ڪري پئي 1122 ريسڪيو جي مدد جاري آهي. گهوٽڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات خانڳڙهه ۾ رڪارڊ ٿي جيڪا 45 ملي ميٽر ٻڌائي پئي وڃي……سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، بجلي جي سپلاءِ بند ٿيڻ سبب ڪاروبار زندگي مفلوج بڻجي ويو آهي، تيز برساتن سبب جابلو علائقن ۾ نئيون وهي آيون، سيوهڻ تعلقي جي بوبڪ، آراضي، ٽلٽي، ڪرمپور ، جهانگارا، باجارا، نئنگ شريف سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو وسڪارو جاري آهي جنهن سبب روڊن تي برسات جو پاڻي بيهجي وڃڻ سبب روڊ تلاء جو ڏيک ڏيڻ لڳا، بجلي جو نظام درهم برهم 8 ڪلاڪ بجلي سپلاء بند، جابلو علائقن ۾ تيز برسات سبب نئيون وهي آيون، نئين جو پاڻي منڇرڍنڍ ۾ داخل ٿي ويو، منڇرڍنڍ جي پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 112 فٽ 6 انچ تائين پهچي ويو. قاضي احمد ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل ڇھن ڪلاڪن کان جاري برسات تباھي مچائي ڇڏي ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن شھري گھرن تائين محدود ٿي ويا زوردار برسات سبب ڦٽي ساري ۽ بصر جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي آبادگارن جا مٿي ھٿ اچي ويا مسلسل برسات شھري علائيقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.

ٺارو شاهه ۾ پاڻي دوڪانن ۽ گهرن ۾ داخل، انتظاميا غائب
جوهي ۾ ٻن ڏينهن کان مسلسل جابلوپهاڙي علائقن ۾ تيز برساتون پوڻ بعد نئن گاج چارفٽ وهي اچڻ ڪري جوهي حاجي خان خسته حال روڊ تي نئن پاڻي جي تيز وهڪري سبب چئن جڳهن کان نئن گاج جو پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ ۽ 20 فٽن کان وڌيڪ گهارا پوڻ ڪري هزارين ڪيوسڪ قيمتي آبادي جو پاڻي لڙھي رهيو آھي ٻئي طرف پاڻي لڙھي وڃڻ ڪري هزارين زرعي ٻنين آبادين جو پوکيل ٻج پڻ لڙهي ويو آھيلاڙڪاڻي ۾ گذريل رات کان پوءِ پوندڙ برسات کان پوءِ شهر ۾ هر طرف ٻوڏ جا منظر نظر اچڻ لڳا آهن اهڙي طرح اڪثر علائقن روڊن رستن تي ٻه کان ٽي فوٽ برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو آهي جنهن ڪري شهري پريشاني جو شڪار آهن وي آئي پي رود، ايس ايس پي چوڪ، لاهوري محلا روڊ، سرڪٽ روڊ، نظر محلا بينس ڪالوني، ممتاز ڪالوني علي گوهر آباد مراد واهڻ سميت هر علائقي ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو آهي ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميه شهر مان برسات جو پاڻي ڪڍڻ ۾ ناڪام نطر اچي رهي آهيقمبر شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ گذريل 13 ڪلاڪن کان تيز برسات جو سلسلو جاري تيز برسات پوڻ سبب شهر جي مختلف محلن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي جنهن سبب شهرين کي اچڻ وڃڻ ۾ پريشاني سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي برسات پوڻ سبب گرمي ۽ حبس جو زور ٽٽي پيو آهي شهرين جو چوڻ آهي ته تيز برسات پوڻ ڪري محلي جي گهٽين ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي تيز برسات ۽ پاڻي جمع ٿيڻ سان 2022 واري برسات لڳي رهي آهيخيرپور ناٿن شاھ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بنا وقفي جي برسات جو سلسلو جاري آھي خيرپور ناٿن شاھ سميت آس پاس جي علائقن ۾ گذريل رات کان بغير وقفي جي برسات جو سلسلو ھن مھل تائين جاري ساري آھي، مسلسل برسات پوڻ سبب برساتي پاڻي مختلف علائقن ۽ ڪالونين سميت مين روڊ تي جمع ٿي ويو، برسات پوڻ سبب موسم ۾ ٿڌي وئي آھي جڏھن ته بجلي جي فراھمي پڻ معطل آھي رات کان پوندڙ برسات بابت پرواشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي پاران چيو ويو آھي ته ڪي اين شاھ ۾ 59 ۽ ميھڙ ۾ 51 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آھي.ڪاڇي۽ کيرٿر سميت واهي پانڌي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گجگوڙسان برسات جو تيز وسڪارو نئين گاج ۽نئين نلي سميت ڪيتريون ئي نيون وهي آيون برسات جي تيز وسڪاري سبب هڪ دفعو ٻيهر ڪاڇي جي ڳوٺن جو ضلعي ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو ٻي پاسي شھر جي مک هنڌن ٿي پاڻي بيهجي ويو. ڳوٺاڻا گهرن تائين محدود ٿي ويا ڪاڇي جي شھرن ۾ ٽنڊو رحيم خان ڇني شاھ حسن گولو فقير بهليل شاھ شھڪ رودناڻي ڊرگھ بالا حاجي خان هيرو خان بازمال کوسو ۽راڃو ڳنڍو جا رستا نئين گاج وهي اچڻ ڪري دادو ۽ جوهي کان ڪٽجي ويا.گاجي کھاوڙ ۾ برسات کان پوء شھر جي مختلف محلن ۾ برسات جو پاڻي بيھجي ويو آھي جڏهن ته گذريل 10 ڪلاڪن کان برسات جي پوڻ کان پوء گهر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو رهواسي سراپا احتجاج آھن رهوسين آن لائين انڊس نيوز کي دانهندي ٻڌايو آھي ته اسان کي هر قسم جي بنيادي سهولت کان محروم رکيو ويو آھي. گهرن جي پاڻي لاء ناليون به ناهن اسان چونڊيل نمائندن جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آھي جو اسان جا بنيادي مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن .چونڊيل نمائندا خالي واعدا ڪري ھليا ٿا وڃن وري به اسان تڪ جي چونڊيل نمائندن کي عرض ٿا ڪيو اسان کي پڪا رستا ۽ نالا ٺھرائي ڏنا وڃن. دوداپور ۾ تيز برسات دوران صدر منگي جي گهر جي ڇَت ڪِرڻ سبب ماء ۽ نوجوان پُٽ فوت جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي دوداپور ۾ تيز برسات دوران گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب ماءُ ميهڙا خاتون ۽ نوجوان پُٽ مکڻو منگي گهر جو ڇِتيون ڪِرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. زخمي صدر منگي کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ماء سندن نوجوان پُٽ جي فوت ٿيڻ ته گهر ۾ ڪُھرام مچي ويو، جڏهن ته پرسات جو سلسلو هن وقت به جاري آهي.جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي م گذريل 20 ڪلاڪن کان هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري ڀرسان جي پاڙي سان شهر جا اڪثر روڊ تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳا عوام پريشاني جو شڪار برسات سبب گذريل ويهه ڪلاڪن کان بجلي بند شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور شهر جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو.

پنو عاقل لڳ سلطانپور ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا










