ڪراچي/ لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان ): سنڌ صوبي ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي دوران ايڇ آءِ وي ايڊز جا 4 وڏا ۽ هولناڪ آئوٽ بريڪس (وبا) سامهون آيا آهن، جن ۾ سوين معصوم ٻار وائرس جو شڪار بڻجي چڪا آهن. ان جي باوجود سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي پاران انفيڪشن ڪنٽرول، سرنجن جي محفوظ استعمال، بلڊ اسڪريننگ ۽ خانگي ڪلينڪس جي نگراني لاءِ ڪا به مؤثر ۽ دائمي حڪمت عملي تيار ناهي ڪئي وئي.
ميڊيا کي مليل رپورٽن موجب، سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جي پکڙجڻ جي تاريخي صورتحال هيٺين ريت آهي:
1. 2016 (لاڙڪاڻو): ڊائيليسز جي مريضن ۾ ايڇ آءِ وي منتقل ٿيڻ جو وڏو واقعو سامهون آيو، جنهن تي سنڌ بلڊ ٽرانسفيوژن اٿارٽي تي سنگين سوال اٿيا، پر ڪي به مستقل سڌارا نه ڪيا ويا.
2. 2019 (رتوديرو): ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جو هولناڪ ترين آئوٽ بريڪ ٿيو، جتي هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ انهن ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ معصوم ٻار هئا. عالمي صحت اداري (WHO) تحقيق ۾ ٻڌايو ته استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال ان جو بنيادي سبب هو.
3. مئي 2026 (گمبٽ): گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (GIMS) ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي متاثر ٻارڙن کي آندو ويو، جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ ٻارن جي زندگين بابت سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن.
4. نومبر 2025 کان هينئر تائين (ڪراچي): ڪراچي جي ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسز سامهون اچڻ جو سلسلو مسلسل جاري آهي، جتي اختيارين غفلت جو اعتراف ڪندي ڪجهه ملازمن خلاف ڪارروائي ته ڪئي آهي، پر اها ڪافي ناهي.
طبي ماهرن پاران عارضي ڪارروائين کي رد ڪندي هيلٿ سسٽم ۾ وڏيون اصلاحات ڪرڻ جو مطالبو
طبي ۽ صحت عامه جي ماهرن سنڌ جي هن صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته انهن سڀني سانحن ۾ هڪ ئي گڏيل عنصر آهي، جيڪو آهي غير محفوظ طبي طريقو ۽ استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال. ماهرن چيو ته حڪومت هر واقعي کانپوءِ رڳو عارضي ۽ وقتي قدم کڻي ٿي، پر نظام کي سڌارڻ لاءِ ڪو مستقل انتظام نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن ڪري هي مرض هاڻي هڪ سنگين بحران بڻجي چڪو آهي.
ٻئي پاسي، ميڊيڪل مائيڪرو بائيلاجي اينڊ انفڪشس ڊيزيزز سوسائٽي آف پاڪستان پاران جاري ڪيل هڪ تفصيلي وائيٽ پيپر ۾ ڇٻائيندڙ انگ اکر سامهون آيا آهن. رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ 2010 کانپوءِ ايڇ آءِ وي مريضن جي انگ ۾ 4.3 گنا واڌ ٿي آهي ۽ ايڊز سبب سالياني فوتگيون به وڌي ويون آهن. وائيٽ پيپر ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت رڳو 21 سيڪڙو مريضن جي تشخيص ٿي سگهي آهي، جڏهن ته صرف 16 سيڪڙو مريض ئي علاج جي سهولت تائين پهچي سگهيا آهن، جيڪا هڪ وڏي انسانيت سوز الميي جي نشاندهي ڪري ٿي.










