ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪميٽي جو ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني، وفاقي وزير اسد عمر، علي زيدي ۽ امين الحق شرڪت ڪئي.ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪالهه کان ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علئقن م ٿيندڙ برسات بعد پيدا ٿيل صورتحال بابت مختلف تجويزن تي عمل لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سنڌ ۽ وفاق جي هن 6 رڪني ڪميٽي جو هي چوٿون اجلاس هو. ٽي اجلاس اڳ ۾ اسلام آبد ۾ ٿيا سنڌ م ٿيندڙ پهريون اجلاس هو. اجلاس بعد ڪميٽي جا ميمبرز ميڊيا کي بريفنگ ڏيڻ بنا روانا ٿي ويا. ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز ۽ منصوبن تي غور ويچار ٿيو، اجلاس کان اڳ ڪميٽي ۾ وفاق جي ميمبرز سان ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آءِ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي ملاقات ٿي جن کان بريفنگ وٺڻ بعد وفاقي نمائندن جي ٽيم وڏي وزير وٽ وئي. ذريعن موجب وڏي وزير کين ٻڌايو ته ڪراچي ۾ جيسين نالن تان قبضا ختم نه ٿيندا تيسين مسئلو حل نه ٿيندو. ڪراچي جي پاڻي جي نيڪال واري نظام جي گنجائش وڌائڻي پوندي. هن وقت 70 ملي ميٽر بارش جي نيڪال جهي گنجائش آهي، ڪالهه سرجاڻي ۾ 170 ملي ميٽر بارش ٿي اڄ ڪراچي ۾ 100 ملي ميٽر بارش ٿي آهي.










