ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو منشيات جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو صدر آصف زرداري جي هدايتن تي جوڙيل هاءِ پاورڊ ڪميٽيءَ جو سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس، وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ انٽيليجنس ۽ ڊيٽا شيئرنگ جو به فيصلو ڪيو ويو سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي اجلاس ۾ پي ٽي اي کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ منشيات متاثرن لاءِ بحالي مرڪزن ۾ اضافي جو به فيصلو ڪيو ويو شرجيل ميمڻ چيو آهي ته منشيات جي اثرن کي نه روڪيو ته معاشرو هٿن مان نڪري ويندو، تعليمي ادارن ۾ ٻارڙن جي ڊرگ ٽيسٽنگ ڪئي ويندي، تعليم کاتو اسڪول انتظاميا ۽ والدين کي اعتماد ۾ وٺي، ٻار جي ٽيسٽ مثبت اچڻ تي والدين کي آگاهه ڪيو ويندو هن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت منشيات جي نيٽ ورڪس جو خاتمو چاهي ٿي، سپلائرز، ڊيلرز ۽ پٺڀرائي ڪندڙن جي گرفتاري پهرين ترجيح آهي، منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن سندن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي










