سنڌ گهڻ ٻوليون ڳالهائيندڙن جو خطو آهي، مقرر

سنڌ گهڻ ٻوليون ڳالهائيندڙن جو خطو آهي، مقرر

نواب شاھ (رپورٽ اي ڪي ڏاھري)  21 فيبروري ٻولين جو عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي سنڌي شعبي جي سنڌي ادبي سوسائٽي پاران “ سنڌ جون ٻوليون” جي حوالي سان مادري ٻولين جي ڏھاڙوملھايو ويو جنھن جي سلسلي ۾ استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين تي مشتمل يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري کان آڊيٽوريم ھال تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي عنوان موجب ھڪ صوبائي ڪانفرنس جو پڻ انعقاد ڪيو ويو جنھن ۾ سنڌي، پارڪري، سرائيڪي، ڍاٽڪي، مارواڙي ٻولين تي ليڪچر ڏيندي ڊاڪٽر ڪشند چند مڪواڻا، ڊاڪٽر امير علي شاه، ڊاڪٽر ڦلو مينگهواڙ، ڊاڪٽر بصر مل، ڊاڪٽر غلام محي الدين، ام حاني عيساڻي، ڪاشف نوراني، آصف علي زرداري، شاگردن ۾ فضا انڙ، فياض سنڌي، ڪاشف زين ڪيريوخطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جو خطو ٿر جي ٿڌيءَ ريت وارو، روح کي راحت ڏيندڙ خطو ونگي کان وٺي بڙ تلاءِ ۽ ڦولپري تائين، رحمڪي بازار کان راڙڪوئي تائين، ڏينسي ۽ ڏوتڙ کان گڍڙي تائين، وسيع ۽ عريض ڦهليل ڌرتيءَ تي مختلف زبانون ڳالهائڻ وارن ماڻهن جو بسيرو رهيو آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته هِيءُ خطو پڻ گهڻ ٻوليائي خطو آهي جنهن ۾ ڪنهن دور ۾ سنڌي، ڍاٽڪي، گجراتي هندي مارواڙي، پارڪري، اوسواڙي، لوهارڪي ٻوليون رائج رهيون آهن انهن مان ڪجهه ٻوليون ۽ زبانون متروڪ ٿي چُڪيون آهن. ھنن وڌيڪ چيو تہ اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو اسان سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ ۾ ڳالھايون ويندڙ ٻولين جا وارث آهيون. اسان جي ٻولي، قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ جي باوجود وڌيڪ سگهاري ۽ شاندار حيثيت ۾ موجود آهي. سنڌ جون ٻوليون ۽ سنڌي ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان سڀني، خصوصي طور تي استادن جو اهو فرض آهي ته پنهنجي ايندڙ نسل کي قديم ٻولين بابت مڪمل ڄاڻ ڏيئي کانئن وچن وٺون ته توهان پنهنجي مادري ٻولي ۽ ثقافت جا امين رهندو. ھن ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي طارق امين زرداري ڀٽائي سرڪار جي وائي ۽ شاگرياڻي فزا انڙ سنڌي گيت جهونگاري محفل کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو