سنڌ چين کان سوين هائبر بسون خريد ڪندي: شرجيل ميمڻ

سنڌ چين کان سوين هائبر بسون خريد ڪندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽر شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پهرين جولاءِ 2023 کان شروع ٿيندڙ اڳئين مالي سال ۾ چين کان سوين بائبرڊ بسون خريد ڪندا گوادر پرو سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي وزير اطلاعات ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي کي عوام جي سهولت جي ڪلاءِ بسن جي ضرورت آهي اسان ويجهڙائي ۾ چين کان بسون خريد ڪيون آهن ۽ هو ڪافي ايندن جون بچت ٿيون ڪن اسان ايندڙ مهيني ۾ وڌيڪ بسون وٺڻ جو ارادون رکون ٿا ميمڻ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سنڌ حڪومت ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي هن چيو ته چيني بسون فائديمند رهنديون ۽ اسان کي اميد آهي ته چيني ٽيڪنالوجي کان وڌيڪ فائدو کنيو وڇي ان کان پهريان سنڌ حڪوتم مالي سال 24-2023 جي صوبائي بجيٽ ۾ 500 هائبرڊ بسون خريد ڪرڻ لاءِ 10 ارب رپيا مختص ڪيا وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ڇنڇر تي صوبائي بجيٽ پيش ڪندي صوبائي ٽرانسپورٽ محڪمي لاءِ سڀاڻي 13.4 ارب رپيا مختص ڪرڻ جو اعلان انهن ٻڌايو ته 6.1 بلين رپيا انٽراڊسٽرڪٽ پيپلز بس جي لاءِ 2 بلين انفرااسٽريڪچر جي بحالي لاءِ مختص ڪيا ويا آهن حڪومت نون رولز لاءِ 600 ملين رپيا مختص ڪيا آهن سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي سهولت لاءِ آئينده سال کان 3 نوان روٽ متعارف ڪرايا ويندا وزيراعليٰ سنڌ سيد مرادعلي شاهه جو جيڪو وزير خزانه به آهن سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 24-2023 جو بجيٽ پيش ڪيو سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ مراد علي شاهه جو وزير خزاني به آهي سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 24-2023 جي بجيٽ پيش ڪئي وزيراعليٰ مرادعلي شاهه اعلان ڪيو ته صوبي جي بجيٽ 2.2 ٽرلين رپيا لڳايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو