سنڌ وارن کي ريلوي انتظاميه جوائننگ ڇو نٿي ڏي؟ عدالت

سنڌ وارن کي ريلوي انتظاميه جوائننگ ڇو نٿي ڏي؟ عدالت

سکر(ويب ڊيسڪ)ريلوي کاتي ۾ سنڌ جي  اميدوارن کي جوائننگ نہ ملڻ واري معاملي جي درخواست جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد جنيد غفار، جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڊي ايس ريلوي سکر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ڊي ايس ريلوي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اميدوار ڀرتي ٿي پگھارون بہ کڻي رھيا آھن، سنڌ جي اميدوارن کي ميڊيڪل جمع ڪرائڻ بعد جوائننگ نٿي ڏني وڃي. ڊي ايس ريلوي چيو ته ڀرتين لاءِ شفاف ۽ قانوني مرحلا طئي ڪياپيا وڃن. راوالپنڊي، لاھور ۽ ملتان ۾ غلط ڀرتيون ٿيون آھن، اِن تي انڪوائري ھلي رھي آھي. عدالت رپورٽ کي غير اطمينان بخش قرار ڏئي ڇڏيو. ڇا اسان توھان کي ھي رپورٽ ڏيڻ لاءِ وقت ڏنو ھيو عدالت جو ڊي ايس سکر کان پڇاڻو، اسان ھن ڪيس کي ميرٽ تي ٻڌنداسين. جڏھن سڀئي گهرجون  مڪمل ٿي ويون آھن تہ جوائننگ آرڊر ڇو نہ پيا ڏنا وڃن؟ عدالت ريلوي جي وڪيل جي مھلت واري درخواست تي ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو