سنڌ هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا ٻه قومي اسيمبلي ميمبر گرفتار

سنڌ هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا ٻه قومي اسيمبلي ميمبر گرفتار

اسلام آباد(بيورو) سنڌ هائوس حملي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگير سنڌ هائوس حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواستگذار جمال مندوخيل طرفان وڪيل راجا نذير پيش ٿيو ۽ جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته جوابدارن طرفان فيصل صديقي ايڊووڪيٽ پيش ٿيو، جنهن جوابدارن جي حق ۾ دليل ڏنا.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز عطاءُ الله ۽ فهيم خان جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي.عدالت طرفان ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس پي ٽي آءِ جي ٻن ايم ايل ايز کي ڪورٽ روم مان گرفتار ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو