اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سنڌ هائوس تي حملو ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي گرفتار 13 ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي ذاتي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، علائقي جي مئجسٽريٽ کان شخصي ضمانت ملڻ بعد سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو. پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي قلم 144 جي ڀڃڪڙي سميت حڪومتي ڪم ۾ مداخلت ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ هائوس انتظاميا ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي درخواست داخل ڪئي جيڪا پوليس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.










