ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ وڊيو لنڪ سسٽم جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڻ موجود هو.سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جيلن مان قيدي هاڻي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيندا، عدالت ۾ پيش ٿيڻ سان ئي ڪيسن کي جلد اڪلائي سگهجي ٿو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڊيو لنڪ ذريعي قيدين جي پيش ٿيڻ سان ٽرانسپورٽ جي خرچ ۾ بچت ٿيندي، جيلن مان قيدين جي پيش ٿيڻ سان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي مسئلا به حل ٿي ويندا.سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وڊيو لنڪ ذريعي ڪيسن جي ٻڌڻي جو نظام سڄي صوبي ۾ آندو ويندو، عدالتي فيصلن جي تصديق ٿيل ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ ون ونڊو سسٽم پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي.اعلان موجب ون ونڊو جي سهولت سان وڪيلن ۽ شهرين کي فائدو ٿيندو، ملڪيتن جي دستاويزن جي فوري تصديق لاءِ بورڊ آف روينيو سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو.










