ايس اين ايس پاران مفت طبي ڪيمپ جو انتظام

ايس اين ايس پاران مفت طبي ڪيمپ جو انتظام

ڪراچي (پ ر) ضلعي صحت آفيسر ملير ۽ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف اسڪن ڊزيز جي تعاون سان سنڌ نيوز پيپر سوسائٽي جي نگراني ۾ انڊس پبلڪ اسڪول، گھگھر ڦاٽڪ ۾ هڪ مفت طبي ڪئمپ جو انعقاد ڪيو ويو.جنهن ۾ چمڙي جي ماهرن ۽ جنرل فزيشن مريضن جو معائنو ڪيو ۽ دوائون ڏنيون.طبي ڪيمپ ۾ ڪل 800 مريضن جو معائنو ڪيو ويو. طبي ڪئمپ ۾ چمڙي جي ماهر ڊاڪٽر ارسلان الاهي ميمڻ، جنرل فزيشن ڊاڪٽر غلام حسين بلوچ، جنرل فزيشن ڊاڪٽر معاذ ۽ ڊاڪٽر محمد بخش ڏهاڻي مريضن جو چيڪ اپ ڪيو.سنڌ نيوز پيپر سوسائٽي جي صدر قاضي شفيق ڊاڪٽرن ۽ عملي ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا.ڪيمپ دوران، ماهر ڊاڪٽرن ماڻهن کي صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۽ بيمارين کان بچڻ بابت پڻ آگاهي ڏني وئي. علائقي جي رهواسين سنڌ نيوز پيپر سوسائٽي جي هن فلاحي قدم جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته اهڙيون سرگرميون مستقبل ۾ به جاري رکيون وڃن. ان موقعي تي سنڌ نيوز پيپر سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري رضوان شاهه، نسيم شيخ، ديدار سنديلو، عامر راٺوڙ، دلاور چنا، آغا طارق پٺاڻ، عبدالستار جوکيو، صفدر چانڊيو، جان محمد جاني، ملڪ دوست محمد، مزمل شاهه، بشير احمد جوڻيجو، اعجاز علي سنديلو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو