سنڌ مان اڻلڀ ٿيندڙ انجنيئر پکي، ٻوڙي جو نسل ناياب

وڳڻ (غلام مصطفيٰ بروهي)سنڌ جي پکين ۾ مشهور ٻوڙي پکي جو نسل هن وقت ناياب ٿي چڪو آھي. انگريزي ۾ هن پکي کيBird  Weaver به چوندا آھن، هن پکي کي دريائي پکي يا درياهه جي سونهن به سڏيو ويندو آھي، جيڪو سيپٽمبر جي مهيني ۾  درياهن جي ڪپرن شاخن واهن گهاٽن وڻن ۾ گول ڊگها آکيرا ٺاهيندي نظر ايندا آهن. خاص ڪري شام جي وقت تي آکيرن تي سون جي تعداد ۾ پکي پيا لاتون لنوندا آهن، هن پکي جي ٺهيل آکيري کي ڏسڻ سان ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويندا آهن ته ڪيڏي نه وڏي ڪاريگري ۽ مهارت سان هو ڌاڳن نما ڪک اڻي آکيرو ٿو ٺاهي. جيڪا سر جي پنن کي چيري ان مان سنها ڌاڳي نما ڪک کڻي هي خوبصورت آکيرو ٺاهن ٿا. ائين لڳندو آهي ته هن پکي کي قدرت واري ڪنهن انجنيئر يا ڪاريگر جي دماغ سان نوازي ڇڏيو هجي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن پکي جي ٺاھيل آکيري ۾ برسات به داخل نٿي ٿي.

هي جهرڪي نما پکي ٽن قسمن جا ٿين ٿا۔جيڪي شڪل ۾ هڪجهڙا ٿين ٿا. ٻهراڙي ۾ هن جي ٺاهيل آکيري کي ننڌڙا ٻار مذاق طور مٿي ۾ پائي گهمندا آھن. ماهرن موجب هي پکي ننڍي کنڊ ۽ اولهه ايشائي ملڪن ۾ ٿئي ٿو، هن جي عمر چوڏنهن کان پندرنهن سال ٿئي ٿي. هن پکي جي نسل ناياب ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آھن جن مان هڪ اهم سبب فصلن ۾ رزعي دوائن جو  استعمال آھي. هن مند ۾ هرهاري توڙي زميندار پنهنجي زرعي زمينن ۾ پنهنجي مرضي مطابق زرعي دوائون استعال ڪن ٿا، زرعي دوائن جي استعمال ڪري ڪيترائي فائدي مند جيت ۽ پکي مري وڃن ٿا. ٻوڙي پکي بيٺل فصل مان صرف جيت کائي زنده رھڻ وارو پکي آھي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان ٿوري پيداوار وڌائن لا ڪيترائي فائديمند جيت ۽ پکي ختم ڪري ڇڏيا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو