سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ هتي اقليتون وڌيڪ محفوظ آھن

سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ هتي اقليتون وڌيڪ محفوظ آھن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ هتي اقليتون سڀ کان وڌيڪ محفوظ آهن. هن اها ڳالهه اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس پيغام ۾ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اقليتن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڀرپور نمائندگي ڏني آهي ۽ اقليتن صوبي جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي اقليت ۽ اڪثريت جو ڪو به فرق ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو