نوشھرو فيروز ( رپورٽ منظور ملڪ)نوشھرو فيروز سنڌ صحافي اتحاد ويلفيئر آرگنائيزيشن۽ پريس ڪلب نوشھرو فيروز جي صحافين پاران صحافي رانا عبدالجبار راجپوت تي احساس ڪفالت پروگرام انچارج سلامت ملڪ ۽ ان جي ايجنٽ پاران تشدد خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي سنڌ صحافي اتحاد ويلفيئر آرگنائيزيشن جي ۽ ٻين صحافين خطاب ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشھرو فيروز ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي مستحق ماڻهن جي دادرسي لاءِ رڪارڊنگ دوران صحافي عبدالجبار راجپوت تي احساس پروگرام جي ايجنٽ مافيا جي انچارج سلامت ملڪ ۽ ٻين پاران صحافي مٿان تشدد ڪرڻ بعد ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالمنعيم لاڙڪ ۽ پوليس اهلڪارن صحافي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وڃڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا صحافين مطالبو ڪندي آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ، ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان گهر ڪئي آھي تہ صحافي راڻا عبدالجبار راجپوت تي تشدد ڪندڙ سلامت ملڪ ۽ ان جي ساٿين خلاف ملوث جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ موجود پوليس اهلڪارن جي سامهون صحافي مٿان حملو ڪري تشدد ڪندا رھيا مگر اتي موجود پوليس اهلڪارن ڪوبه قدم نه کنيو صرف تماشو ڏسندا رھيا انھن پوليس اھلڪارن کي فورن معطل ڪيو وڃي ۽ اڻ ڌري جانچ ڪرائي متاثر صحافي کي انصاف ڏياريو وڃي ۽ ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ جي صحافين کي تحفظ ڏئي صحافين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي اگر متاثر صحافي کي انصاف نه مليو ته ضلع نوشھرو فيروز سميت پوري سنڌ ۾ صحافين پاران اجتجاج جو دائرو وڌايو ويندو










