سنڌ صحافي اتحاد جي اعلانيل سڏ تي صحافين جو احتجاج

سنڌ صحافي اتحاد جي اعلانيل سڏ تي صحافين جو احتجاج

گمبٽ (ن س) صحافين جي قتل عام ۽ ڪراچي ۾ سنڌين کي بيرحماڻو تشدد ڪري قتل ڪرڻ وارن واقعن خلاف گمبٽ ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي اعلانيل سڏ تي صحافين ناظم ڄامڙو، قمرالدين شيخ ۽ سول سوسائٽي حاجي عبداللطيف شيخ، نعمت الله شيخ، عاجز ادريس سومرو، آزاد جوڻيجو، سڪندر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪندي آزاد صحافت زندھ باد- قلم جا پورهيت زندھ باد- قلم جي حُرمت زندھ باد- سنڌ صحافي اتحاد زندھ باد، صحافين جي خون سان انصاف ڪيو نعرا ھنيا. ان موقعي تي صحافين ناظم ڄامڙو، قمرالدين شيخ، سياسي سماجي اڳواڻ حاجي عبداللطيف شيخ، نعمت الله شيخ، ڊاڪٽر شبير شيخ، عاجز ادريس سومرو، آزاد جوڻيجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي گمبٽ جي سڪندر چانڊيو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي گمبٽ جي خادم حسين رتڙ ۽ ٻين چيوته ڪينيا ۾ پاڪستان جي سينيئر صحافي اينڪر پرسن ارشد شريف ۽ ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي بيرحماڻو تشدد ڪري کين قتل ڪرڻ وارن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن چيوته وَقت اَچي ويو آهي ته پاڻ سَڀ هڪ آواز بَڻجي وڃون ته جيئن اظهارِ راءِ جي آزادي يقيني بَڻجي سَگهي. ھنن مطالبو ڪيو ته بيگناھ قتل ڪيل صحافين ارشد شريف، اجي لالواڻي جي خون سان انصاف ڪيو ۽ صحافي نريش ڪمار جي پراسرار حادثاتي موت جي عدالتي جاچ ڪرائي سندن وارثن ۽ صحافي برادري سان انصاف ڪيو وڃي. احتجاج ۾ صحافين زبير احمد سيال، غلام اڪبر عرف انور سمون، الھداد اڄڻ، فھيم چنه، حفيظ شيخ، سبحان جوڻيجو، سول سوسائٽي جي غلام حسين ڦل، شعبان عالماڻي ۽ ٻين ڀرپور شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو