حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۾ به پيپلز بس سروس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سنڌ سرڪار پاران ماڻهن جي سفري سهولتن لاء شروع ڪيل بس سروسز جو ڪراچي کانپوء حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروسز جي نالي سان 10 بسن جو افتتاح ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته شروعاتي ٽن ڏينهن تائين بس ۾ ڪوبه ڀاڙو نه ورتو ويندو. پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد جي روڊن تي 10 بسون هلايون وينديون. بس سروس جا ٻيا به روٽس تيار ڪيا ويندا. ميرپورخاص کان حيدرآباد تائين به بس سروس هلندي.










