سنڌ بجيٽ، پگهار 20 ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار ۽ شهزادو مستوئي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 1477 ارب 90 ڪروڙ 30 لک روپين جي ماليت جي بجيٽ سنڌ اسمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي. هن سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهار جو 20 سيڪڙو ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو. گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25هزار مقرر ڪئي وئي آهي.  اپوزيشن جي سخت گوڙ ۾ هن بجيٽ تقرير شروع ڪئي ڪجهه سرڪاري بينچن جا ميمبر سندس سيٽ جي آس پاس بيهي رهيا. اپوزيشن وارا نعريبازي ڪندي سيٽيون وڄائيندا رهيا. مراد علي شاهه چيو ته پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ نئينمالي سال جي بجيٽ هلندڙ مالي سال کان 19.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن چيو ته هي ٽيڪس فري پر خساري واري بجيٽ آهي. خسارو 25 ارب 73 ڪروڙ 80 لک روپيا آهي. ايندڙ مالي سال ۾ صوبي جي پنهنجي وصولين جو اندازو 329 ارب 31 ڪروڙ 90 لک آهي. جڏهن ته صوبي جي خرچن جو ڪاٿو 1089 ارب 37 ڪروڙ 20 لک روپيا آهي. نئين بجيٽ ۾ ترقياتي خرچن لاءِ 329 ارب 3 ڪروڙ 30 لک روپيا رکياآهن.

CM Sindh presenting budget for 2021-22 in Sindh Assembly

هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ ترقياتي بجيٽ 41.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان دوران اپوزيشن وارن نعرا هنيا ته سنڌ حڪومت چور آهي. مراد ساهه ٻڌايو سالياني صوبائي ترقياتي بجيٽ لاءِ 222 ارب 50 ڪروڙ  رکيا آهن. مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت ساڍا سترنهن هزار مان وڌائي 25 هزار روپيا ڪئي وئي. هن چيو ته معيشت جي بحالي ۽ مستحق ماڻهن جي امداد لاءِ 30 ارب90 ڪروڙ رکيا ويا آهن، زراعت جي بحالي لاءِ 3 ارب مختض، تعليم لاءِ 3 ارب 20 ڪروڙ، اسڪولن ۾ فرنيچر جي خريداري لاءِ ساڍا 6 ارب کان مٿي رکيا ويا آهن، سوبي جي اسڪولن جي مرمت لاءِ 5 ارب، ڪاليجز جي مرمت لاءِ ساڍا 42 ڪروڙ رکيا ويا آهن. آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ  پوڻا 2 ارب، سمال ميڊيم انٽرپرائيز لاءِ 3 ارب، گهٽ لاڳت وارن گهرن لاءِ 2 ارب، چوپائي مال ۽ فشريز لاءِ هڪ ارب، زراعت سان لاڳاپيل عورتن لاءِ 50 ڪروڙ، اسپيشل چلڊرين لاءِ 50 ڪروڙ، وبائي مرضن ۽ هيلٿ رسڪ الائونس لاءِ پوڻا پنجويهه ارب رکيا ويا آهن.پي پي ايڇ آءِ لاءِ 26 سيڪڙو واڌ ڪندي 8 ارب 20 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن، انڊس اسپتال جي سالياني گرانٽ اڍائي ارب رکي وئي آهي، ايس آءِ يو ٽي جي گرانت ۾ 27 سيڪڙو واڌ ڪندي 7 ارب 12 ڪروڙ رکيا ويا آهن، صحت جي ترقياتي بجيٽ ساڍ 18 ارب، امن امان لاءِ 119 ارب 97 ڪروڙ، مڪاني ادارن جي بجيٽ ۾ 31.3 سيڪڙو واڌ بعد 10 ارب 48 ڪروڙ رکيا ويا آهن، مقامي ڪائونسلرز لاءِ 82 ارب رکيا ويا آهن، بلديات جي ترقياتي بجيٽ ساڍا 25 ارب، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ لاءِ ساڍا 7 ارب، سوشل ويلفيئر لاءِ 18 ارب 61 ڪروڙ، ريهيبليٽيشن لاءِ 60 ارب 90 ڪروڙ، عورتن جي ترقي لاءِ 64 سيڪڙو واڌ ڪندي 57 ڪروڙ 19 لک 70 هزار روپيا رکيا ويا آهن. ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ لاءِ 15 سيڪڙو واڌ ڪندي 7 ارب 64 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. 250 ڊيزل هائبرڊ بسون خريد ڪيون وينديون. ورڪس ۽ سروسز لاءِ 16 ارب، ان کاتي جي ترقياتي بجيٽ 30 ارب آهي.ڊرگ ڪورٽ جي قيام ۽ نيو انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز جي قيام لاءِ 15 ڪروڙ 46 لک مختص ڪيا ويا آهن. سيوهن انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز کي 56 ڪروڙ جي گرانٽ ڏني ويندي. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ 964 ملازمتون ڏنيون وينديون، دوائن جي خريداري لاءِ 18 ارب 32 ڪروڙ، اين آءِ سي وي ڊي لاءِ 6 ارب 10 ڪروڙ، لياري، ڪراچي، لاڙڪاڻو، سيوهڻ، سکر، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، شهيد بينظير آباد، خيرپور ۽ مٺي لاءِ 6 ارب 40 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. گمبٽ اسپتال لاءِ 4 ارب، جيڪب آباد لاءِ 60 ڪروڙ، ٽراما سينٽر ڪراچي لاءِ 2 ارب، شهداد پور طبي سينٽ لاءِ 30 ڪروڙ، هيلٿ ڪيئر ڪميشن لاءِ ساڍا 36 ڪروڙ، 10 ٿيليسميا مرڪزن لاءِ 30 ڪروڙ، ڊائلاسسز لاءِ 17 ڪروڙ رکيا ويا آهن. هن چيو ته ٿاڻو بولا خان کان هاڪس بي تائين موٽر وي ٺاهيو ويندو. روهڙي ۾ ڪيميڪو بيڪٽيريل ليب قائم ڪئي ويندي. پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽرز جون 400 نيون جايون پيدا ٿينديون ۽ سندن تعداد 1800 ٿي ويندو. هن چيو ته تعليم لاءِ 277 ارب 50 ڪروڙ رکيا آهن، ملازمت دوران فوت ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي خاندانن جي مالي مدد لاءِ هڪ ارب روپيا رکيا ويا آهن. 650 پرائمري اسڪولن کي اپ گريڊ ڪري ايليمينتري ڪيو ويندو. 160 ايليمينٽري اسڪولن کي هاءِ اسڪول بنايو ويندو،  سنڌ ۾ ڏيڍ لک نوان ٻار انرول ڪيا ويا آهن. 15 هزار 551 استادن کي تربيت ڏني وئي. 1609 بند پيل اسڪول کوليا ويا،7900 غير رجسٽرڊ ملازمن جي رجستريشن ڪئي وئي. مائيڪو سافٽ جي مدد سان 30 هزار 787 سيڪنڊري اسڪول استادن جي تربيت ڪئي وئي. 2لک 57 هزار شاگردن کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارم تي داخلا ڏني وئي. نجي اسڪولن ۽ مدرسن جي سروي نئين مالي سال ۾ مڪمل ڪئي ويندي.شهيد بينظير آباد ۾ بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪالج قائم ڪندي 10 ڪروڙ گرانٽ ڏني آهي، هي پاڪستان ۾ پهريون گرلز ڪيڊٽ ڪالج آهي. 7 بوائز ڪيڊٽ ڪالج قائم ڪيا ويندا، سنڌي ادبي بورد کي 12 ڪروڙ ڏنا ويندا. حيدرآباد، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ڪورنگي، ملير ۽ ڪراچي اولهه ۾ 17 نيون ڊگري ڪاليجز قائم ڪيون وينديون. سرڪاري يونيورسٽيز جي گرانٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪندي 13 ارب 31 ڪروڙ ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ ۾ اي ون گريڊ حاصل ڪندڙن اسڪالر شپ لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رکيا ويا آهن.

Screen shot

سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 41 ڪروڙ 65 لک 16 هزار روپيا رکيا ويا آهن، هلندڙ مالي سال ۾ سندن بجيٽ ساڍا 28 ڪروڙ روپيا هئي. بيگم نصرت ڀٽو سکر يونيورسٽي لاءِ 20 ڪروڙ، آءِ بي اي سکر يونيورسٽي لاءِ هڪ ارب 32 ڪروڙ 92 لک روپيا رکيا ويا آهن. دائود انجنيئرنگ ڪالج ڪراچي لاءِ هڪ ارب، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور لاءِ 30 ڪروڙ، اين اي دي لاءِ 50 ڪروڙ، ٿر انسٽيٽيوٽ لاءِ 20ڪروڙ رکيا ويا آهن، سکر آءِ بي اي ۾ روبوٽڪ انسٽيٽيوٽ ۾ مصنوعي ذهانت جو بلاڪ قائم ڪيو ويندو. بدين ۽ ميرپورخاص ۾ سنڌ يونيورسٽي جا ڪيمپس قائم ٿيندا. مراد شاهه ٻڌايو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ هيٺ 38.75 ڪلوميٽر 6 لين وارو ملير ايڪسپريس ٺاهڻ لاءِ 27 ارب 58 ڪروڙ جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 50 ايم جي ڊي ويسٽ واٽر ري سائيڪلنگ منصوبو لڳندو جيڪو پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو هوندو، هي سيوريج واري پاڻي کي صنعتي استعمال لائق بڻائيندو. هن تي 35 ارب لاڳت ايندي.هن ٻڌايو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سيپيڪ هيٺ ٺهندو، 3 هزار ايڪڙ ن تي ناردرن باءِ پاس تي 6 ارب جي لاڳت سان ماربل سٽي ٺهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو