سنڌ حڪومت 24 سيپٽمبر تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت 24 سيپٽمبر تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي 14 ضلعن ۾ بلدياتي ضمني چونڊن جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.صوبائي حڪومت لاڳاپيل تڪن ۾ اسڪولن جي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب بلدياتي چونڊن وارن تڪن ۾ 24 سيپٽمبر(اربع ڏينهن) عام موڪل هوندي.ٻئي طرف سنڌ جي 14 ضلعن جي 28 سيٽن تي ضمني چونڊن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي تعليم کاتي ضلعي جي تعليمي آفيسرن ۽ ڊائريڪٽوريٽ، پرائيويٽ اسڪولز کي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بلدياتي ضمني چونڊن وارن ضلعن ۾ اسڪولن ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويندا. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ اسڪولز ۽ ضلعي تعليمي آفيسرن کي تعاون جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن.نوٽيفڪيشن موجب گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٽياري، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، بدين ۽ ٺٽي ۾ عام موڪل هوندي، انهي کان علاوه ڪراچي ويسٽ، ڪراچي ايسٽ ۽ ڪياماڙي جي ضلعن ۾ به 24 سيپٽمبر(اربع) تي اسڪول، سرڪاري ۽ ٻيا ڪاروباري ادارا بند رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو