ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيپلزپارٽي 15 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي پر پيپلزپارٽي ڪراچي جي عوام لاءِ عملي طور ڪجهه ناهي ڪيو ڪراچي واسين کي باعزت ٽرانسپورٽ، معياري تعليم، پيئڻ جو صاف پاڻي، علاج جي سهولت سميت بنيادي ضرورتون به مهيا نه آهن پيپلزپارٽي پنهنجي وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداراڻي مائينڊ سيٽ کي سنڌ جي ٻين ڳوٺن شهرن وانگر ڪراچي تي به مڙهڻ گهري ٿي ڪراچي جو عوام 18 اپريل تي ملتوي ٿيل سيٽن جي مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺي ۽ انهن سپريم پارٽين کي رد ڪري جن سندن استحصال ڪيو ۽ دوکو ڏنو سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي ڀلي ڪيڏي به ڪوشش ڪن ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو ٿيندو پي پي 11 يوسيزجي چونڊن کان ڀڄي رهي آهي ايم ڪيو ايم ايڊمنسٽريٽر ۽ وزارتون وٺي خاموش ٿي وئي آهي ۽ 11 سيٽن تي حصو وٺي پيپلزپارٽي کي فائدو ڏيڻ ۽ جماعت اسلامي جي ميئر جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي اهڙن خيالن جوا ظهار هن جماعت اسلامي ضلعي گلبرگ سينٽرل يو سي 8 تحت فيڊرل بي ايريا بلاڪ 5 ۾ 1300 مستحق گهراڻن ۾ راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. حافظ نعيم الرحمان الخدمت تحت مفت بازار جو دوروبه ڪيو جتي فريد احمد بازار بابت بريفنگ ڏني حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ الخدمت جو نيٽ ورڪ موجود آهي الخدمت هڪ اين جي او آهي جيڪا ڪنهن به رياست جو متبادل نٿي ٿي سگهي پر ان جي باوجود ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ عوام جي خدمت ڪري رهي آهي الخدمت تحت هر سال وانگر هن سال به هزارين غريبن ۾ مفت راشن ورهايو ويو جڏهن ته هي ذميواري حڪومت ۽ رياست جي آهي ته غريبن لاءِ جامع پروگرام جوڙيو وڃي ۽ عوام جي عزت نفس کي مجروح ڪرڻ بنا ان جي امداد ڪئي وڃي پر اليو اهو آهي ته مستحڪين جي نالي تي مخصوص فنڊ به حڪمرانن جي بئنڪ اڪائونٽ ۾هليا وڃن ٿا ۽ عوام کي ڪجهه نٿو ڏنو وڃي هن چيو ته رمصان جي ڀلاري مهيني ۾ به ڪي اليڪترڪ اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي گرمي ۾ عوام سخت ذهني ۽ جسماني ازيت ۾ آهي ۽ ناجائز ڳرا بل به موڪليا پيا وڃن جڏهن ته ٻئي پاسي گئس جي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي.










