سنڌ حڪومت ۽ فلور مل  وارا هٿ سان اٽي جو بحران پيدا ڪن پيا

سنڌ حڪومت ۽ فلور مل وارا هٿ سان اٽي جو بحران پيدا ڪن پيا

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءَ پليجو، ليگل سيڪريٽري مير بشير ٽالپر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسو ۽ ھميرو مل پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ فلور ملز ايسوسيشن وارن جي ملي ڀڳت سبب سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. سنڌ مان وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ سرڪاري سرپرستي ۾ افغانستان اسمگل ڪئي پئي وڃي. مهانگائي ۽ بي روزگاري سبب خودڪشيون معمول بڻجي ويون آهن. صفائي جي اڻ هوند ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب بيمارين ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. خودڪشين جي وڌندڙ تعداد جو نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪيو وڃي، اٽو في ڪلو وڌ ۾ وڌ 40 روپيا هئڻ گهرجي. مزدورن جي پگهار گهٽ هئڻ سبب پورهيتن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. اقتدار کان اڳ پيپلز پارٽي اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏنو ۽ اقتدار ملڻ سان ئي پورهيتن کان ٽئين شيون ڦري ڇڏيون. سنڌ حڪومت به چئي ٿي ته اٽو 100 کان 115 روپيا ڪلو ٿيڻ گهرجي ۽ فلور ملز ايسوسئيشن وارا به چون ٿا ته اٽي جو اهو ئي اگھ هئڻ گهرجي ته پوءِ اٽو سستو ڇو ڪو نه ٿو ٿئي؟ اڳواڻن چيو ته اٽو 150 کان 200 روپين ۾ ڪلو ملي رهيو آهي. سنڌ حڪومت اٽو مهانگو ڪري ماڻهن کي ماني لاءِ تڙپائي رهي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان ڏانھن ڪڻڪ اسمگل ڪندڙ اسمگلرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ان سان گڏ ٻوڏن ۽ برساتن دوران 10 سيڪڙو ڪڻڪ هٿ وٺي خراب ڪري پوءِ رڪارڊ ۾ 100 سيڪڙو خراب ڄاڻائي ڪڻڪ بليڪ تي وڪرو ڪري اربين روپين جون ملڪيتون ٺاهيندڙ خوراڪ کاتي جي عملدارن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو