ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي لاءِ اعلان ڪيل ڪنٽري بيوشن پينشن اسڪيم ختم ڪندي نئين ملازمن جي لاءِ پينشن جو پراڻو نظام بحال ڪري ڇڏيو.تفصيل موجب سيپٽمبر 2024 تي سنڌ ڪابينه نئين ڀرتي ٿيندڙ صوبائي ملازمن جي لاءِ سنڌ ڊيفائنڊ ڪنٽري بيوٽري پينشن اسڪيم جي منظوري ڏني هئي. جنهن جي تحت سرڪاري ملازمن کي پينشن ۽ گريجوئٽي جي جڳهه ڪنٽري بيوشن پينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. اسڪيم جي تحت هر سرڪاري ملازم کي 10 سيڪڙو بنيادي پگهار جو هر مهيني جمع ڪرائڻو هو جڏهن ته حڪومت انهي ملازم جي بنيادي پگهار جو 12 سيڪڙو جمع ڪرائي ها.ڪابينه مان منظوري کان پوءِ پهرين نومبر تي انهي جو باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو هو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سيپٽمبر ۾ ڪابينه ايس ڊي سي پي ايس 2024 جي لاءِ سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973 ۾ نئين شق داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.گڏيل ترميم موجب سنڌ سول سرونٽ(ترميمي) ايڪٽ 2024 جي شروعات تي يا انهي کان پوءِ سرڪاري ملازم جي طور تي مقرري يا ريگولرائز ٿيندڙ ماڻهو کي پينشن ۽ گريجوئٽي کان علاوه سرڪاري ملازم تصور ڪيو ويندو.پر هاڻ هڪ سال کان پوءِ 17 سيپٽمبر تي سيڪريٽري فنانس طرفان جاري ڪيل آفيس ميمورينڊم موجب پهرين نومبر 2024 تي انهي سلسلي ۾ جاري آفيس ميمورينڊيم واپس ورتو ويو آهي. اهڙي طرح هاڻ اها اسڪيم ختم ڪئي وئي آهي.










