سنڌ حڪومت جو بس اڏا  ڪراچي کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت جو بس اڏا ڪراچي کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت بس اسٽينڊ شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ موجود سمورن بس اسٽينڊن کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ شهر کان بس اسٽينڊ تائين شٽل سروس هلائي ويندي.هن چيو ته ڳري گاڏين جي ڪري شهرين کي به پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان سان روڊن تي دٻاءُ به وڌي ٿو، ڪراچي شهر مان سمورا بس بيس (انٽر سٽي) ٻاهر منتقل ڪيا پيا وڃن.شرجيل ميمڻ چيو ته بس ٽرمينل ۾ وڌيڪ جديد سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ڪراچي بس ٽرمينل تي پوليس چيڪ پوسٽ به ٺاهي پئي وڃي، جڏهن ته ڪينٽ اسٽيشن، صغير شهيد روڊ، ايم اي جناح روڊ ۽ الڪرم اسڪوائر کان بس ٽرمينل فراهم ڪيا پيا وڃن. تائين شٽل سروس هلائي ويندي شرجيل ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مفادن کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کنيا وڃن ته جيئن ٽرانسپورٽرن کي ڪو به نقصان نه پهچي ۽ مسافرن کي رليف ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو