حيدرآباد (ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل باڊي جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين گلزار سومرو ،حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ،قادر چنا ،امتياز سمون ،نثار ڪيريو شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن جي روشني ۾ تنظيمي ۽ سياسي رٿابندي ڪئي وئي ۽ سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ طوفان ۾ برسات جي امڪانن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال برسات متاثرين جي واهر ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي. هن ڀيري به حڪمرانن جي ساڳي روش نظر پئي اچي.اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي جنهن عوام کي امڪاني طوفان ۽ برساتن بابت خبردار ڪيو آهي. ۽ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ نڪري رهيا آهن. باقي وزير ۽ ڪامورا ڦوٽو سيشن تائين محدود آهن. سنڌ حڪومت کي سنجيده ٿي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي. قائم ڪيل ڪئمپن ۾ آيل خاندانن کي سهولتون ڏنيون وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران اعلانيل سرڪاري اسڪول ۾ ڪئمپ قائم ڪرڻ صرف ڪاغذي ڪاروائي آهي ڇو ته انهن اسڪولن ۾ ڪي به سهولتون ميسر ناهين. ڇهه يا ست ڪمرن تي مشتمل اسڪولن ۾ سوين خاندان ڪئين رهي سگهندا. اسڪولن ۾ پاڻي، بجلي ۽ واش رومن سميت ڪابه سهولت ميسر ناهي. ساحلي علائقن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن کي ٺٽو ۽ ڪراچي شهر ۾ وڏن سرڪاري بلڊنگن ۾ رهايو وڃي ۽ کين زندگي جون بنيادي سهولتون ميسر ڪيون وڃن. ايس ٽي پي ڪارڪن پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ماڻهن جا مددگار ٿين. ۽ ڪامورن سان وفدن جي صورت ۾ ملي ماڻهن کي رليف وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪن










