سنڌ جي 29 کاتن ۾ 762 فوتي ڪوٽا تي ڀرتين جي منظوري

سنڌ جي 29 کاتن ۾ 762 فوتي ڪوٽا تي ڀرتين جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف 29 کاتن ۾ 762 فوتي ڪوٽا تي ملازمن جي منظوري ڏني وئي آهي،چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت ۾ فوٽي ڪوٽا تي عمل لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روينيو جا سينيئر بورڊ ميمب، سيڪريٽري سروسز ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا،اجلاس دوران زراعت کاتي ۾ 28، روينيو ۾ 12، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 32 ۽ فاريسٽ کاتي ۾ 11 جي منظوري ڏني وئي،چيف سيڪريٽري صحت کاتي جي 93، لائيو اسٽاڪ ۾ 11، بلديات ۾ 61، پاپوليشن ويلفيئر ۾ 41 ملازمن جي منظوري ڏني،اجلاس دوران اسيڪول ايجوڪيشن ۾ 294، ورڪس اينڊ سروسز ۾ 46، پبلڪ هيلٿ ۾ 13 ملازمن جي منظوري ڏني وئي،چيف سيڪريٽري موجب فوتي ڪوٽا تي 2018 کان هيل تائين 13000 ملازمن جي وارثن کي نوڪريون ڏنيون ويون

پهنجو تبصرو موڪليو