سنڌ جي 19 سينئر ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون

سنڌ جي 19 سينئر ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت تازو 19هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 19 ڪامورن کي ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ ٻين عهدن تي مقرر ڪري ڇڏيوآهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ثقافت کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري ٽيپو سلطان کي ثقافت کاتي ۾ ئي ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي،  محمد سليم بلوچ ليبر کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هو جنهن کي بدلي ڪري گهٽ ۾ گهٽ اجوري واري بورد جو چيئرمين لڳايو ويو آهي، جتان زاهد حسين کيمٽيو کي بدلي ڪري ايديسنل سيڪريٽري  ايڇ آر مقرر ڪيو ويو،  شاهنواز خان ڊي سي بدين، فضل اويسي بورڊ آف روينيو سکر ۾ انسپيڪشن شعبي ۾ مقرر، عبدالغفار سومرو ايڊيشنل ڪمشنر ون شهيد بينظيرآباد، غلام فاروق لغاري معدني وسيلن واري کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، الطاف گوهر ميمڻ ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، نظير قريشي ڊائريڪٽر بورڊ آف روينيو انسپيڪشن حيدرآباد مقرر. ان کان علاوه وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري محمد آصف جميل شيخ جون ترقي ماڻڻ بعد خدمتون وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ حوالي، نثار احمد چنڙ کي عورتن جي ترقي واري کاتي م ايديشنل سيڪريٽري، زاهد حسين شر کي پي ڊي ايم اي ۾ ڊائريڪٽر فنانس، آصف جان صديقي پي ڊي ايم اي، عمرڪوٽ جي اي ڊي سي ون سڀاش چندر کي ميرپورخاص ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائمري مقرر ڪيو ويو، طارق قريشي ايديشنل سيڪريٽري هوم،  اينٽي ڪرپشن جو ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر عبدالقدير انصاري ساڳئي کاتي ۾ ڊائريڪٽر  ليگل مقرر، فرقان علي لغاري ڊائريڪٽوريٽ اسڪول ايجوڪيشن يرپور خاص، غلام مرتضيٰ شيخ ايس آر بي، مرتضيٰ شيخ سنڌ روينيو بورڊ جو سيڪريٽري، اصغر گهانگهرو تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري، جڏهن ته ناصرخان ايڊيشنل سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن مقرر ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو