سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي ريليون،ڀيٽا پيش

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي ريليون،ڀيٽا پيش

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي ريليون ڪڍيو ويون،مزدورن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

مزدورن جي حالت شڪاگو جي شھيدن جي حالت کان وڌيڪ خراب آھي:اڳواڻ
نوشھرو فيروز : شڪاگو جي شھيدن جي ياد م ريلي مزدور اتحاد زنده آباد جا زوردار نعره نوشھرو فيروز فوڊ گدام کان فود ايمپلائيز فيڊريشن ۔ساھتي ويلفيئر آرگنائيزيشن پليدار يونين پاران گڏيل ريلي ڪڊي وئي جيڪا نيشنل پريس ڪلب پھتي ريلي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيوته مزدورن جي تاريخ وڌائي وڃي مزدورن جي حالت شڪاگو جي شھيدن جي حالت کان وڌيڪ خراب آھي مزدور جي ڏھاڙي وڌائي وڃي ھن ڏھاڙي مان ت مزدورن جو ھڪ ويلو ب ن ٿو ٿئي مزدور فاڪا ڪشي تي مجبور آھن حڪومت سنڌ فوڊ کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ۔ملازمن کي ٽائيم اسڪيل فوتي ڪوٽا ۽ رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏنو وڃي ٻيا صوبا گروپ انشورنس ڏئي چڪا آھن سنڌ حڪومت عمل ڪري وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت مھانگائي جي حساب سا پگھارون ۽ ڏھاڙي وڌائين ورن ملڪ گير احتجاج ڪنداسين اھڙن خيالن جو اظھار جاويدد يونس راڄپر ۔خادم حسين مري محمد بخش ۔مختيار ڪلھوڙو ۔رفيق راڄپر ۔نويد عمران ۔سيد شڪيل شاھ ۽ ٻين ڪيو سمورن مزدورن مطالبو ڪيو ت ملازمن جي پگھار سوني جي تولي برابر ڪئي وڃي۔

نوشهروفيروز

گلاب لغاري ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ريلي
گلاب لغاري :گلاب لغاري ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سوين مزدورن پاران هٿن ۾ بينر ۽ ڳاڙها جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان سلسلي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي، حمالي مزدور يونين، مزدور يونين پاران گلاب لغاري حيدرآباد روڊ کان پيادل ريلي ڪڍي گلاب لغاري پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي عقيل خان لغاري ، سرمد لغاري ، اشرف لغاري، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھن مھانگائي جي دور ۾ به مزدورن سان ناانصافي ٿي رھي آھي جيڪا اجرت ملڻ گھرجي اھا پوري نہ ٿي ڏني وڃي اعلان تہ ڪيا وڃن ٿا پر عمل نہ ٿو ڪيو وڃي جنھن سبب مزدور طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي، ھن ملڪ خاص طور سنڌ ۾ مزدور جو اولاد تعليم ۽ گهرڀاتي صحت جي سهولتن کان به محروم بڻيل آهن، مزدورن سان انصاف ڪري انھن کي حق ڏنا وڃن، اسان سمورين پارٽين جا اڳواڻ مطالبو ٿا ڪريون تہ مزدور طبقي کي خوشحال بڻائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ جيڪي ادارا آھن انھن ۾ سنڌين کي روزگار ڏنو وڃي تہ جيئن اھي پنھنجي پاڻ سان گڏ اولاد کي پڙھائي لکائي سگھن. اسان شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا جن پنھنجي جانين جا نذرانا ڏئي مزدور طبقي جو ڳاٽ اونچو ڪيو.

گلاب لغاري

عالمي ڏھاڙو، قومي عوامي تحريڪ،ترقي پسند پارٽي ورڪرز ريلي
بدين : پورھيتن جي عالمي ڏھاڙي تي قومي عوامي تحريڪ سنڌ ترقي پسند پارٽي ورڪرز يونين جي طرفان قاضيا واھ چوڪ کان پريس ڪلب تائين شاھنواز سيال سانول گوپانگ محمد اقبال بريار رشيد گوپانگ زين شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڏيل ريلي ڪڍي ويئي ھن موقعي تي شڪاگو جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي اڳواڻن چيو ته شڪاگو جي پورھيتن سرمائيدارن ء انھن جي پٺو ظالم حڪمرانن جي خلاف پنھنجي حقن جي حاصلات جي پاداش ۾ پنھنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري سامراج کي پورھيتن کي سندن حق ڏيڻ تي مجبور ڪيو کين سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ھنن چيو ته سامراج ء ان جا سرمائيدار جاگيردار وڏيرا اڄ به پورھيتن سان ظلم جاري رکندي پنھنجي ئي مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ اجرت 25 ھزار ماھوار تي عمل نٿا ڪن ۽ غريب پورھيتن سان ظلم ڪري سندن استحصال ڪري رهيا آهن جنھن جي خلاف پورھيتن کي ھڪ ٿي جدوجھد ڪري پنھنجا حق حاصل ڪرڻا پوندا

بدين

مزدورن جي عالمي ڏھاڙي تي سکر پريس ڪلب تائين ريلي،حق ڏيڻ جو مطالبو
سکر ؛ سکر ۾ مزدورن جي عالمي ڏھاڙي تي شھر جي مختلف سماجي تنظيمن مزدورن جي حقن جي آواز اٿارڻ لاء خانگي ميڊيڪل سينٽر گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب سکر تاءين ريلي ڪڍي وءي مظاھرين ۾ شريڪ ماڻھن مزدورن جي حقن جي حاصلات لاء سخت نعريبازي ڪءي مظاھرين جي ھٿن ۾ـپلي ڪارڊ ۽ بينر ھءا جن مٿان مزودرن جي مزدوري واري اجرت وڌاءڻ سان گڏو گڏ مزودرن جا حق ن ڏيڻ جھڙا نعرا درج ٿيل ھءا تفصيل موجب ـ سکر آل پاڪستان ورڪرز فيڊريشن ۽ سکر ٽريڊ يونين الاءينس پاران پھرين مءي مزدورن جي عالمي ڏھاڙي تي حرا ميڊيڪل سينٽر کان ريلي ڪڍي وءي جيڪا گھنٽا گھر چوڪ تان ٿيندي پريس ڪلب سکر پھتي ريلي ۾ واپڊا ملازم ـ ايريگيشن ملازم ـ ميونسپل ڪارپوريشن ـ سءوءي گيس ـ ڊسٽرڪٽ ڪاءونسل ـ روينيو ـ ٽيچرزـ پي ٽي سي ايل ڪلارڪ ايسوسيءيشن جا ملازم شامل ھءا مظاھرين ملازمن مزدورن جي عالمي ڏھاڙي تي شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ان موقعي اسان جا مزدور ملڪ ۾ مھانگاءي ۽ مزدورن جي اجرت گھٽ ملڻ ڪري مزودرو سخت پريشان آھن مزدور جو وڏي ۾ـوڏي مثلو مھانگاءي آھي ھر حڪومت اچڻ واري مزدورن لاء ڪجھ ب ناھين ڪري سگھي مزودرن جو ملڪ جي معيشت ۾ وڏو ھٿ آھي نوجوان ھٿن ۾ ڊگريون کڻي بي روزگار گھمي رھيا آھن ھو بي روزگاري کان تنگ اچي خدڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن اسان جي سڀني مزدورن جا حالات شگاگو جي مزدورن کان ۔ ب وڌيڪ خراب آھن ھنن چيو ت اسان کان ڪيتراءي ڪلاڪ ڪم وڌيڪ ورتو وڃي ٿو جيڪو اسان سان ناانصافي آھي ان جو معاوضو نٿو ڏنو وڃي وقت جي حڪمرانن کان مطالبو ڪيون ٿا وقت جي حساب سان مزدورن جي اجرت ۾ اضافو ڪيو وڃي جيءن ت مزدور کي رليف ملي سگھي سنڌ ترقي پسند پارٽي ب مزدورن جي ڏينھن تي احتجاج ڪندي وريس ڪلب آڏو چيو ت موجود حڪومت سنجيدگي جو مظاھرو ڪري ت مزدورن کي پنھـجا حق ملي سگھن ٿا پر ھو مزدورن جي حقن جي لتاڙ ڪن ٿا جنھن سبب ڏينھون ڏينھن مزدور طبقو مثلن جي ورچڙھي ٿو

سکر

پي ٽي آئي اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ريلي
ٽنڊو محمد خان : ٽنڊو محمد خان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ريلي ڪڍي اليڪشن ڪرايو ملڪ بچايو جو مطالبو ڪيو ويو ، پاڪستان تحريڪ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ، مزدورن کي پنھنجا بنيادي حق نه ملڻ ۽ اليڪشن ڪرايو ملڪ بچايو جي مطالبي تحت انصاف ھائوس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد بدين روڊ تي مظاھرو ڪيو ويو ، مظاھري کي خطاب ڪندي ڪبير ڪولاچي ، آغا ماجد ، منصور ملاح ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مزدورن کي خراج تحسين پيش ڪندي مزدورن جي 2000 روپيه ڏيهاري جو مطالبو ڪريون ٿا ، هنن چيو ته موجوده امپورٽيڊ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي ملڪ جا حالات ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندا پيا وڃن ، تازو سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي موجب ملڪ ۾ جلد اليڪشن ڪرائي عوام ۾ موجود بيچيني ختم ڪئي وڃي ، هنن ملڪ ۾ فوري اليڪشن ڪرائي عوام جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو .

پهنجو تبصرو موڪليو