جروار (رپورٽ محمد بخش گبول) سنڌ جي ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن کي وفاق پاران صدارتي آرڊيننس ذريعي پنھنجي تحويل ۾ وٺڻ جي ڪوشش خلاف جروار جي سماجي ڪارڪنن جو سلمان لنڊ ،ساجد بوزدار،احسان گبول ۽ زاھد گبول جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھرين پاران سنڌ دشمن آرڊيننس خلاف زوردار نعريبازي ڪئي وئي ميڊيا سان ڳالهائيندي زاھد گبول،سلمان لنڊ،ساجد بوزدار ۽ ٻين جو چوڻ ھو وفاق پاران ان غيرقانوني آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري ڌاريا آباد ڪرڻ وارو فيصلو ڪنھن صورت قبول ناھي سنڌ جو ھر باشعور ۽ غيرتمند نوجوان ان کي رد ڪري ٿو ڇو جو سنڌ جو وسيلا صرف سنڌي قوم جي ملڪيت آھن ۽ انھن سان ڪنھن کي به ھٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي انھن مطالبو ڪيو ته سنڌ دشمن آرڊيننس واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.










