ڪراچي(رپورٽ علي مرتضيٰ مهر)سنڌ جي تعليم کاتي سڀني ڊويزنن جي ريجنل ڊائريڪٽرز کي خط لکي هر ضلعي ۾ هڪ انفرميشن ٽيڪنالاجي، جي ڪاليج قائم ڪرڻ بابت 3 ڏينهن ۾ فزيبلٽي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. تعليم واري وزارت جي سيڪشن آفيسر (اي سي ڊي1) جي صحيح سان 3 آڪٽوبر تي اهڙو خط ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، بينظيرآباد، سکر ۽ :اڙڪاڻو جي ريڪنل ڊائريڪٽرز کي موڪليو ويو آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ 2023 ۾ داخل آئيني درخواست تي 17 سيپٽمبر 2025 تي ڏنل فيصلي ۾ حڪم ڏنو آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ آءِ ٽي ڪاليج قائم ڪئي وڃي. عدالتي حڪم جي پيروي لاءِ هي خط موڪليو پيو وڃي. خط جي ڪاپي روزاني سنڌيار وٽ موجود آهي.










