سنڌ جي مختلف شهرن ۾ خودڪشي ۽ 2 نامعلوم لاش ملڻ جا واقعا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن مان مليل اطلاعن موجب ڪلوئي ۾ عورت مڙس جي تشدد سبب خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪوٽ ڏجي لڳ واهه مان نامعلوم لاش هٿ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ تازي ڄاول ٻار جو لاش مليو آهي. تفصيل موجب ڪلوئي مان غلام مصطفي نهڙيو موجب اوطاق ارباب احسان فارم وٽ ٻن ٻارن جي ماءُ ڪيسوري پنهنجي مڙس نارائڻ ڪولهي جي تشدد کان تنگ اچي گهر جي ڀرسان بيٺل نم جي وڻ ۾ رات دير سان رسو ٻڌي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. هوڏانهن پوليس سندس مڙس کي گتفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهي ته ناري جو مڙس نارائڻ ڪولهي نشئي هو ڌنڌو به ڪونه ڪندو هو. اطلاع تي ڪلوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڪلوئي ٿاڻي تي کڻي آئي جتي ايس ايڇ او رسول بخش جونجه چيو ته اسان ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏيپلو ٿا موڪليون وڌيڪ ناري جو پي ماءُ اچن ٿا پوءِ رپورٽ درج ڪنداسين.****ڪوٽڏيجي مان غلام الله سيال موجب مير واھ ڪئنال ۾ لاش لڙھندي ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس پهچي ڪري مجيد پل وٽان ٽوٻن ذريعي نامعلوم 30 کان 35 سالا نوجوان جو لاش مير واھ ڪئنال مان ڪڍرائي ڪوٽڏيجي اسپتال آندو جتي شام تائين وارثي نه ٿيڻ سبب نامعلوم شخص جو لاش ڪافي پراڻو ھجڻ ڪري بدبودار ٿيڻ سبب سول اسپتال خيرپور جي سرد خاني ۾ رکرايو ويو آخري اطلاع تائين نامعلوم شخص جي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي ھئي.***  بلڙي شاھ ڪريم مان ذوالقرنين لنڊ موجب  ٽنڊومحمدخان جي نئين گوني وٽان تازي ڄاول ٻار جو لاش مليو.

اطلاع تي مقامي پوليس ۽ سماجي تنظيم جي ڪارڪنن پهچي ٻارڙي جي لاش کي اسپتال پهچايو جتان بعد ۾ لاش کي سماجي تنظيم جي ڪارڪنن حوالي ڪيو ويو جن جنازي نماز پڙهائڻ کان پوء لاش کي سخي برهان شاھ قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو. پوليس لاش کان بيزاري ڏيکاري جنهن تي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ذوالفقار علي ٽالپر پوليس اھلڪار جي غلط رويي جو نوٽيس وٺندي پوليس اھلڪار کي طلب ڪري ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو