حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جي عوام لاءِ جنھن تيزي سان روز نوان مسئلا، نوان خطرا، نوان عذاب پيدا ٿين پيا، انھن ۾ مُنڌل ۽ ڦاٿل عام ماڻھو توڙي سياسي ڪارڪن اڪثر سوچين ٿا تہ ڪھڙن چيلينجز کي منھن ڏئي ڪھڙن کي ڏجي؟ بيروزگاري، ڪرپشن، مھنگائي، لاقانونيت، انساني حقن جي لتاڙ، زرعي تباھي، تعليم، صحت، آبپاشي سميت سمورن ادارن جي بربادي، انتھاپسندي، وسيلن جي ڦرلٽ، دھشتگردن جي نين سازشن ۽ بدترين گورننس سنڌ جي اقتصادي، ترقياتي، سماجي ۽ سياسي وايومنڊل کي مڪمل گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي. زرعي تباھي، پيٽرول، ڪوئلي ۽ گيس تي ھڪ ھٽي، ڪڏھن يوريا جي کوٽ، ڪڏھن فصلن جا اگھ ڪيرائي ڇڏڻ، اٽي جي کوٽ، ڪارونجھر جي کوٽائي، ٻيٽن، زمينن ۽ ڳوٺن تي قبضا ، اھي سڀ عمل صرف ڌاڙا ناھن، اھي سنڌين جي نسل ڪُشي جي گھڻ رُخي حڪمت عملي جا مختلف سوچيل سمجھيل مرحليوار قدم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا مسلسل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي. ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناهي، پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي آهي.










