سنڌ جو چوپايومال مرڻ لڳو،2 سئو ڍور مري ويا،انتظاميه خاموش

سنڌ جو چوپايومال مرڻ لڳو،2 سئو ڍور مري ويا،انتظاميه خاموش

دڙو (ن س) دڙو، ٻنون، ابڙال، لائقپور ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپايي مال ۾ بيماري، مھيني دوُران 2 سوُ کان وڌيڪ ڍور مري ويا، فقط ھڪ ڳوٺ علو سميجو ۾ 20 کان مٿي ڍور مري ويا. وٽرنري لائيواسٽاڪ کاتي ڪوبہ نوٽيس نہ ورتو، تفصيل موجب دڙو، ٻنون، ابڙال، لائقپور ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپايي مال ۾ بيماري سبب مھيني دوُران 2 سوُ کان وڌيڪ ڍور مري ويا آھن، جڏھن سوين ڍور مختلف بيمارين ۾ ورتل آھن، برساتن کان پوءِ مختلف ڳوٺن ۾ چوپايي مال ۾ بيماريون پکڙجي ويون آھن، جنھن سبب مالوند ۽ ڀاڳيا سخت پريشاني ۾ ورتل آھن، فقط دڙي لڳ ڳوٺ علو سميجو ۾ بيماري سبب 20 کان مٿي ڍور مري ويا آھن، ڳوٺ رتو لاشاري، ڳوٺ بابو لاشاري، عمر لاشاري سميت ٻين ڳوٺن ۾ وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آھن، ڀاڳئي رمضان سميجو، حسن يار محمد، رمضان سميجو، لکاڏني ۽ ٻين جون 20 کان مٿي رڍون، ٻڪريون، مينهن، ڍڳو ۽ گابا بيماري سبب مري چڪا آھن، ڳوٺاڻن انور سميجو، وفا چندن لاشاري، اقبال لاشاري، وفا مشتاق لاشاري ٻڌايو تہ برساتن بعد روزانو ڪيترائي جانور بيمارين سبب مري رھيا آھن، پر ضلع جو وٽرنري کاتو ڪوبہ توجہ ڏيڻ لاء تيار ناھي، برسات سٽيل مالوند ۽ ڀاڳيا خانگي ڊاڪٽرن کان ڍورن جو علاج ڪرائڻ تي مجبور آھن، ھنن ٻڌايو تہ مختلف چوپايو مال گيٽار، پليٽ، بخار ۽ ڳنڍ جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ ٻن ٽن ڏينهن اندر مريو وڃي. ھتان جي مالوند ماڻھن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ لائيواسٽاڪ کاتي کان مطالبو ڪيو آھي تہ هنگامي بنيادن تي ڳوٺن ۾ ٽيمون موڪلي چوپايي مال کي ويڪسين ڪرائي وڌيڪ ڍورن کي مرڻ کان بچايو وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو