حيدرآباد(ن س)سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي پنهنجي گڏيل پريس بيان چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو هن مشڪل وقت ۾ آهن سنڌ جا حڪمران فوٽو سيشن ۾ پورا آهن سنڌ کي هٿ سان ٻوڙيو ويو آهي پيپلز پارٽي عوام دشمن پارٽي ثابت ٿي چڪي آهي سنڌ جا ماڻهو هاڻي عوام دشمنن کي رد ڪندا سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان سنڌ جي پورهيتن جي حقن جي جدوجهد کي سگهارو ڪرڻ جي ضرورت آهي اڳواڻن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن ماروئڙن جا اجها ٻيهر تعمير ڪري ڏنا وڃن ان سان گڏ هر خاندان کي 5لک ڪيش ڏنا وڃن ته جيئن ماروئڙا ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن روڊن تي ويٺل ماروئڙا هن وقت سرندي وارن ڏي به واجهائين پيا سنڌ هاري ڪاميٽي پنهنجي ماروئڙن سان هر ڏک سان گڏ آهي هنن چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومت فوري طور تي بحالئ لاء قدم کڻي ٻئي صورت ۾ سموري سنڌ دوست ڌرين کي گڏ ڪري وڏي تحريڪ هلائي ويندي جيڪا وقت جي ڪرپٽ حڪمرانن کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيندي هاڻي وڌيڪ ماروئڙن سان ظلم برداشت نه ٿا ڪري سگهون.










