سنڌ بچايو، وسيلا بچايو مارچ جوشاندار استقبال، گلن جي ورکا

سنڌ بچايو، وسيلا بچايو مارچ جوشاندار استقبال، گلن جي ورکا

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) عوامي تحريڪ جو سنڌ بچايو، وسيلا بچايو سانگهڙ کان نڪتل عوامي سجاڳي مارچ ٽئين مرحلي ۾ نوشهروفيروز پهتو جتي شهرين، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن گل نڇاور ڪري قافلي جواستقبال ڪيو. عوامي سجاڳي مارچ ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل هو. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، گل حسن ڪيڙانو، لال جروار، غلام نبي کوسو، ڊاڪٽر دلدار لغاري، سبحاني ڏاهري، سرور سولنگي، لطيف ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تي هلاڪو، چنگيز، فرهنگن سميت ٻين ڪيترن ئي حملي آورن حملا ڪيا، پر سنڌ جي ماڻهن انهن ڦورو ، رهزن ۽ ڌاڙيلن سان سالن جا سال مقابلا ڪري پنهنجي جانن جا نذرانا ڏيئي عبرتناڪ شڪستون ڏنيون اڄ به سنڌي ماڻهو ميدان ۾ آهن ۽ سنڌ ورهائڻ جون سازشون ڪندڙ هر ڦورو، ڌاڙيل ۽ دهشتگرد سان مقابلو ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون واري نعري کي سنڌي عوام تبديل ڪري چوي پئي ته هاڻي مارسون مارسون پر سنڌ نه ڏيسون. هنن چيو ته پاڪستان جي ملڪ دشمن اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مهرن کي تيار ڪيو آهي ته هو سنڌ جي ورهائڻ وارا بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪن، هنن چيو ته سنڌ جي عوام جون اسيمبيلون روڊ، رستا، ڌرڻا ۽ احتجاج آهن سنڌ جو عوام سنڌ جي ورهائڻ واري سازش نه رڳو رد ڪري ٿو پر مطالبو ٿو ڪري ته آرٽيڪل ڇهه تحت ملڪ دشمني ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته يرغمال بڻايل اليڪشن عمل ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. هن وقت به ملڪ ۾ سياسي توڙي معاشي صورتحال غير يقيني واري آهي. جيڪڏهن ملڪ دشمن اسٽيبليشمينٽ اليڪشن عمل کي يرغمال بڻائي پنهنجا هٿ ٺوڪيا ڦورو، ظالم ۽ جابر حڪمران ملڪ مٿان نه مڙهي ها ته اڄ ملڪ جي صورتحال مختلف هجي ها.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو