سنڌ اندر ڊينگي بخار ۾ مبتلا 3 ٻار فوت، 8 اسپتال داخل

سنڌ اندر ڊينگي بخار ۾ مبتلا 3 ٻار فوت، 8 اسپتال داخل

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊينگي جي مرض ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 8 مريضن کي ڊينگي وائرس ظاهر ٿيڻ تي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو. آهي. شاهپور جهانيان مان اسد ٻگهيو مطابق شهر جي وارڊ 2 جي رهواسي ڊينگي متاثر ناري نصرت آرائين ۽ ڳوٺ سچل ٻگهيو واسي نوجوان قاسم ٻگهيو ڪراچي اسپتال ۾ زير علاج هجڻ بعد ڳوٺ دودو ٻگهيو واسي نوجوان شاهنواز ٻگهيو کي تيز بخار سان گڏ وات ۽ نڪ مان رت اچڻ بعد وارث ڪراچي  اسپتال کڻائي ويا ، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان کي ڊينگي هئڻ جي تصديق ڪئي وئي وئي آهي.

*** ملير مان شهزادو مستوئي مطابق گڏاپ جي يونين ڪائونسل موئيدان جي بچل خاصخيلي ڳوٺ، راهو خاصخيلي ڳوٺ، خانو خاصخيلي ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن ۾ ڊينگي بخار جو وائرس پکڙجي ويو آهي جنهن سبب سوين ماڻھو جن ۾ ٻار،عورتون  وٺجي ويا آهن ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهو شهر جي مختلف اسپتالن علاج داخل ڪرايا ويا آهن ان سلسلي هنن ٻن ڏينهن اندر ٻن ڇوڪرين سميت  3 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 12 ورهين  جي ثمينه ڌيءَ عبدالرزاق، اٺن ورهين جي بسمه ڌيءَ ڀورو ۽ پنجن ورهين  جي اختر ولد نورل شامل آهن نورج جو لاش ڪالھ جناح اسپتال مان ڳوٺ آندو ويو جڏهن نسيما ڌي رسول بخش، مريم ڌيءَ جمن، دلبر پٽ جمن، بختاور ڌيءَ يعقوب جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو